ريتي واسي شاگرد دل بيهڻ سبب اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ريتي ( ن ع آ )  ريتي ويجهو ڳوٺ محمد عمراڻي مهر جو رهواسي نوجوان شاگرد امداد علي عمراڻي مهر اسلام آباد جي يونيورسٽي ۾ دل جو دورو  پوڻ سبب فوت ٿي ويو آهي جنهن جو لاش راولپنڊي جي اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتي نوجوان اسلام آباد جي يونيورسٽي ۾ BS اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪندو هو اچانـڪ دل جو دورو پوڻ سبب وفات ڪري ويو آهي، هوڏانهن فوتي نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ، جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.