ٽنڊي آدم ۾ ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 2 نينگريون فوت، 2 ڄڻا زخمي

ٽنڊو آدم (ن ع آ)ٽنڊي آدم تعلقي ٿاڻي جي حد لال بخش واٽرڪورس وٽ تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٽنڊو  آدم واسڻ نينگري حبا ڌي صلاح الدين منصوري ٿڏي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته عبدالرافع ، صائمه ۽ حفصه سخت زخمي ٿي پيا جن کي سرڪاري اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد روانو ڪيو ويو جتي 4 ورهين جي حفيه به دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو جڏهن ته فوتي نينگرين جا مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ڪوچ ڊرائيور فرار ٿي ويو پوليس ڪوچ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.