پيرجو ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج ، ڌرڻو

پيرجوڳوٺ(ن ع آ ) پيرڳوٺ لڳ ڀٽيون فال وٽ فريد آباد مائينر ۽ ڀٽيون مائينر جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي سيد غوث محمد شاھ، فقير حضور بخش کوسو، نادر ناريجو، ڪشمير ناريجو، خدا بخش عباسي، امان الله عباسي، غلام عباس جوڻيجو، زوار اڄڻ، ملوق اڄڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن جو چوڻ هو ته فريد آباد ۽ ڀٽيون مائينر ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي واري اڏامي رهي آهي مختلف پوکيل فصل ڪيلن، ، انبن، کجين جا باغ، ڪمند، مختلف سبزيون سڙي سڪي تباھ ٿي ويا آهن جنهنڪري ڪروڙن روپين جو نقصان ٿيو آهي. هنن چيو ته آپباشي عملدار پاڻي وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن گهر ڪئي ته اسان کي پاڻي ڏئي وڏي نقصان کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.