خانپور مهر لڳ پورهيت جي گهر کي باهه، سامان سڙي رک

خانپورمهر (ن ع آ ) خانپورمهر لڳ پورهيت جي گهر کي باھ، فائر برگيڊ عملي باھ تي ڪنٽرول ڪري ورتو، خانپورمهر لڳ يوسي قاضي بادل جي ڳوٺ رضو مهر ۾ پورهيت سهراب مهر جي گهر کي اچانڪ باھ لڳي وئي جنهن سبب بنهه کٽون بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو اطلاع ملڻ تي ٽائون ڪاميٽي خانڳڙه جي فائر برگيڊ عملي پهچي باھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.