رتوديرو لڳ موٽر سائيڪل ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب زال مڙس زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان رتوديرو روڊ تي تيز موٽرسائيڪل ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب بنگل ديرو جي ڳوٺ مصري چهواڻ واسي نوجوان وارث علي  چهواڻ ۽ سندس گهر واري عزيزان خاتون سخت زخمي ٿي پيا جن کي علائقي واسين زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان علي چهواڻ ٻڌايو ته آءُ ڳوٺ کان ڪم سانگهي گهر واري سان گڏجي لاڙڪاڻي آيل هيس جتان ڳوٺ واپسي دوران رتوديرو روڊ تي موٽرسائيڪل جي ٽائر ۾ ڪپڙو ڦاسڻ سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.