ملير ڪينٽ ۽ اسٽيل ٽائون پوليس جون ڪارروايون، 2 ڦورو ۽ هڪ موٽرسائيڪل چور گرفتار

ملير (ڊ ر)ملير ڪينٽ پوليس ڪاروائي ڪندي ڦر جي وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري وٽان ڦر ڪيل ٻه موبائل فون  ۽ ٻه پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته گرفتار ٻنهي جوابدارن جي سڃاڻپ روزي خان عرف ارمان ولد آزاد خان ۽ محمد خان عرف مشاق ولد شاهه وزير جي نالي سان ٿي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار ٻئي جوابدار ٿاڻي ميمڻ ڳوٺ جي ايف آءِ آر نمبر 154/2022 قلم 392، 397، 34 ۾ پڻ ملوث آهن جڏهن ته جوابدارن وٽان ان ئي واردات ۾ ڦر ڪيل ٻه موبائل پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدارن خلاف غيرقانوني هٿيار رکڻ جا ٻه ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي، ٻئي طرف اسٽيل ٽائون پوليس ڪاروائي ڪندي ٻه ڏينهن اڳ چوري ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري هڪ جوابدار نثار احمد ولد علي محمد کي چوري ٿيل موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪري وٽان چوري ٿيل موٽر سائيڪل نمبر KKL-1508 ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪري ورتو.  آهي، جڏهن ته ملير ڪينٽ ٿاڻي تي موٽر سائيڪل جي چوري بابت ڪيس نمبر298/2022 داخل ڪرايو ويو هو جنهن تي پوليس موٽر سائيڪل ۽ جوابدارن جي ڳولا لاءِ ڪوششون ورتيون، جوابدار خلاف غيرقانوني هٿيار رکڻ جو الڳ ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.