حيدرآباد: مبينا مقابلي ۾ماريل نوجوان جو لاش رکي ڌرڻو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل نوجوان زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. وارثن پوليس مٿان ڪوڙو مقابلو ڪري سندن نوجوان کي بيگناهه قتل ڪرڻ جو  الزام هڻندي لاش ايس ايس پي آفيس آڏو رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. مارجي ويل نوجوان جي وارثن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي جڙتو مقابلو ڪندڙ پوليس عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. حيدرآباد ۾ بي سيڪشن پوليس جي گذريل رات دير مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار محبوب علي لغاري کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي. جيڪو بعد ۾ سول اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان محبوب لغاري جي وارثن پاران سول اسپتال حيدرآباد مان لاش کڻي ايس ايس پي آفيس آڏو رکي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھري سبب ڪجهه دير لاءِ ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل رھي. مظاھرين پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مارجي ويل نوجوان جي وارثن ڀيڻويي مظفر لغاري ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته پوليس محبوب لغاري بيگناھه گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڏيکاري کيس قتل ڪيو آھي. پوليس محبوب لغاري کي 8 مئي تي ڄامشورو مان گرفتار ڪيو هو. پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي. هنن چيو ته نوجوان کي گم ڪرڻ بعد ڪوڙو پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو هي. هنن مطالبو ڪيو ته بي سيڪشن پوليس جي ايس ايڇ او ۽ اهلڪارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻڌايو پيو وڃي ته مارجي ويل نوجوان اصل جهڏو جو رهواسي هو ۽ هن وقت هو ڄامشورو ۾ رهندڙ هئا. ٻئي طرف حيدرآباد پوليس جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته گذريل رات چيڪنگ دوران اسٽيڊيم چوڪ ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موٽرسائيڪل سوار ٻن مشڪوڪ ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جن بيهڻ بجاءِ پوليس تي فائرنگ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. جنهن تي پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار محبوب علي لغاري کي زخمي حالت ۾ هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو. جنهن کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس موجب مارجي ويل محبوب علي لغاري عادي ڏوهاري هو. حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ ڦر ۽ چورين جي وارداتن ۾ به ملوث هو. مارجي ويل محبوب علي لغاري ڪيترن ئي ڪيسن ۾ چالان آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.