ڪرمپور لڳ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، 8 ڄڻا زخمي

ڪرمپور (رپورٽ: ايم ابراھيم شيخ) جعفري ۽ سميجا برادري ۾ ڪارنهن تڪرار جهيڙو ٿي پيو لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ سميجا ڌر جا 6  ۽ جعفري ڌر جا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ سبزعلي سميجو، ڪرم علي، خميسو، علي حيدر، محبوب سميجو بلاول جعفري، حفيظ الله جعفري شامل آهن زخمين کي وارث ڪرمپور ٿاڻي تي کڻائي آيا پوليس زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي اسپتال منتقل ڪيو ڪرمپور اسپتال ۾ طبي امداد ڏيڻ بعد کين ڪنڌڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو زخمين مان ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي پوليس موجب سميجا برادري جو جعفري ڌر مٿان ڪارنهن جو الزام آهي جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو آهي ٻنهي ڌرين پاران ڌار ڌار اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.