جاتي ۾ پوليس پاران گٽڪي جون 2 ٽرڪون ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ

جاتي(ن ع آ)جاتي پوليس پاران خفيه اطلاع تي ڪراچي کان سجاول ضلعي ۾ زهريلو گهٽڪو ۽ مٽيريل وڪرو ڪندڙ سوپاري ۽ گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل ۽ ٻه ٽرڪون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جاتي ٿاڻي جي اسي ايڇ او آفتاب احمد ميمڻ مخفي اطلاع تي ٻه الڳ الڳ ڪاروايون ڪري ٻه منشيات سان ڀريل ٽرڪون تحويل ۾ ڪري 20 هزار گٽڪي جون پُڙيون ۽ 55 ڪٽا گٽڪي جي سوپاري پڪڙي ٽن منشيات فروشن محمد خان بروهي کي گرفتار ڪيو آهي جڏهن ته ٽي منشيات فروش فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ٻي ڪاروائي ۾ مذڪوره ٽرڪ نمبر JT6517 کي دوران تلاشي ٽرڪ کي خفيه خانن ۾ لڪيل 10 هزار گٽڪا پُڙيون ۽ 30 گٽڪي جي سوپاري برآمد ڪري منشيات فروش راجو برفت جيڪو جنگشاهي جو رهواسي ۽ ظفر خيل پٺهاڻ ساڪرو واسي کي گرفتار ڪري مٿن گٽڪو ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،ٻي طرف ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ٻني ٽرڪن ۾ ڪروڙين روپين جي سوپاري موجود هئي جيڪا ڳري رشوت عيوض ڊيل ٿيڻ تي جاتي منشيات فروش پٺاڻ رفيق پٺاڻ،باري خان پٺاڻ سميت 6 واپارين سان لکين روپين جي ڊيل تحت سندن گودامن تي لاهي ڇپر ڪئي آهي باقي ڪجھ پڙيون گٽڪو ۽ سوپاري ڪيس ۾ ڄاڻاءِ ڪاروائي ڪئي وئي آهي،معلوم رهي ته ضلعي سجاول جي ننڊن وڏن شهرن اسٽاپن جاتي، چوهڙجمالي،لاڏيون، بيگناه ٻارڻ آباد سميت مختلف علائقن زهريلي گٽڪي جو عام واهئپو جاري آهي جنهن ڪري ڪيترائي نوجوان گهٽڪو کائڻ سبب ڳلي وات ۽ معدي جي ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي موت جو شڪار ٿيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.