مانجهند (ن ع آ)مانجهند ڀرسان ڳوٺ راڄڙي وٽ انڊس هاءِ وي تي ڪوچ جي ٽڪر ۾ 7 ورهين جو ڪراچي واسي نينگر ايان علي پٽ نعيم عباسي زخمي ٿي پيو، جنهن کي مقامي ماڻھن تعلقي اسپتال مانجهند آندو جتي نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.پوليس ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.