ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ڊي جي جون هدايتون

گهوٽڪي( ڊ ر ) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ڪڻڪ خريداري جو هدف حاصل ڪرڻ ۽ سارين جي فصل جي روڪٿام جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي  منعقد ٿي گذري جنهن ۾ سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن سميت زراعت کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خطاب ڪندي چيو ته ضلعي گهوٽڪي ۾ غيرقانوني طريقي سان ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙ ڪردارن خلاف ڪارروائين جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر پنهنجي پنهنجي تعلقي ۾ گودامن تي ڇاپا هڻي ذخيرو ڪيل ڪڻڪ تحويل ۾ وٺي خوراڪ کاتي حوالي ڪن. ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ضلعي ۾ سارين جو فصل پوکڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي ان ڪري سمورا روينيو آفيسر سنڌ حڪومت جي هدايتن تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت کي پڻ هدايت ڪندي چيو آهي ته فرٽيلائزر ڊيلرن کي تنبيهه ڪئي وڃي ته هو لائسن موجب مقرر ڪيل علائقي، هنڌ ۽ اگهه موجب يوريا وڪرو ڪن ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.