پيرڳوٺ لڳ پورهيتن جي گهرن کي باهه ، کجين جو بارداڻو سڙي رک

پيرجوڳوٺ( ن ع آ ) پيرڳوٺ لڳ شرپسندن پورهيتن جي گهرن کي باه ڏئي ڇڏي، گهر ۽ کجين جو باردانو سڙي رک، احتجاج. رپورٽ موجب  پيرڳوٺ لڳ ڳوٺ منگي سيال ۾ شرپسندن پورهيت رحيم بخش سيال ۽ حضور بخش سيال جي گهرن کي مبينا باهه ڏئي ڇڏي آهي جنهن جي نتيجي ۾ گهر ۽ گهرن ۾ پيل سامان ۽ ڀرسان پيل کجين جو باردانو، ڪاٺ سڙي رک ٿي ويو آهي جنهنڪري وڏو نقصان ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪندي چيو ته شرپسندن گهرن کي باھ ڏني جنهنڪري وڏو نقصان ٿيو آهي. جڏهن ته اهڙي رپورٽ احمد پور ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر ان باوجود پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي آهي. هنن گهر ڪئي ته گهرن کي باھ ڏيندڙ شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.