ڏهرڪي لڳ نوجوان اغوا، 50 لک رپيا ڀنگ طلب

ڏھرڪي / ريتي ( نمائندن وٽان ) ڏھرڪي جي المصطفيٰ آباد ڪالوني جي رھواسي نوجوان محمد قاسم ولد غلام ياسين ڀٽو پراسرار نموني  گمشدگي بعد اغوا ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. اغواڪارن مغوي نوجوان جي موبائل فون تان ڪال ڪري سندس وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ پڻ طلب ڪري ورتو آھي.  ان ڏس ۾ مغوي جي پيءَ غلام ياسين ڀٽو ميڊيا کي دانھيندي چيو ته منھنجو پٽ ويلڊنگ ورڪشاپ تي ڪم ڪندو آھي. کيس ورڪشاپ تي ڪم ڪندي ڌڪ لڳو ته ھو نجي اسپتال مان پٽي ڪرائڻ لاءِ نڪتو جتان پراسرا نموني گم ٿي ويو. اسان ساڻس رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھن جو موبائل فون مسلسل بند مليو. شام جو دير سان سندس موبائل فون تان اغواڪارن اسان کي ڪال ڪري کيس اغوا ڪرڻ جو ٻڌايو ۽ اسان کان سندس آزادي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي.  ھن چيو ته غربت سبب اسان جو گذر سفر اڳ ئي تمام ڏکيو ٿئي پيو. اسان اغوا ڪارن پاران طلب ڪيل ڀنگ جا 50 لک ادا ڪري نه ٿا سگھون. نه وري اسان لاءِ اھو ممڪن آھي. ھن ايس پي گھوٽڪي کان پنھنجي مغوي پٽ جي بازيابي جي گھر ڪئي آھي. ھوڏانھن ڏھرڪي پوليس مغوي ڄاڻايل نوجوان جو موبائل ڪال ريڪارڊ ھٿ ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آھي. پوليس ذريعن موجب مغوي جي موبائل جي لوڪيشن پنجاب جو ماڇڪو جي ڪچي وارو علائقو اچي ٿي. جڏھن ته پوليس کي ڪجھه شاھديون پڻ مليون آھن جنھن ۾ مغوي پاڻ ويگن تي چڙھي ڪيڏانھن وڃي رھيو آھي.  ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڏھرڪي اطھر چنا ٻڌايو ته محمد قاسم جي اغوا جي واقعي کي سنجيدگي سان ورتو ويو آھي. ڏھرڪي پوليس کيس جلدي بازياب ڪرائي وٺندي. ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آھن ته محمد قاسم کي عورتاڻي آواز ۾ ھرکائي اغوا ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.