ڪورنگي ۾ پوليس جون دعوائون خالي رهجي ويون، بدامني ۾اضافو

ڪورنگي (رپورٽ: اميرجان چانڊيو ) ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي ۾ پوليس جون دعوائون خالي رهجي ويون، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا  پوليس ٿاڻو جي حد ۾ پوليس منشيات فروشن  ڪيبن ۽ برياني وڪرو ڪندڙ ريڙھن وارن کان رشوت وٺڻ ۾ مصروف نظر اچي ٿي، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا چمڙا چورنگي ميڊيڪيم ڪمپني ويجهو ڦر، 2 ڄڻا زخمي، زخمين جي سڃاڻپ عابد ۽ احمد گل طور ٿي آهي. ٻئي ڄڻا موٽرسائيڪل تي سوار وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ ڦورن ڦر جي ڪوشش ڪئي جنھن تي مزاحمت  ٿي ۽ ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سبب موٽرسائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيا. زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس اسٽيشن  پوليس لاءِ سوال اهو آهي ته ڏينهن يا رات هٿياربند ماڻهو هٿيارن سميت گهمندا وتن ٿا جيڪي پوليس کي نظر نه ٿا اچن.  ڪورنگي انڊسٽريل ايريا جي رهواسين جو چوڻ هو ته ڦورن سبب اسان جي زندگي حرام ٿي وئي آهي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ايس ايس پي ڪورنگي کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.