بدين ضلعي ۾ مڪاني چونڊ چهچٽو شروع، مرزا گروپ پ پ کي مُنجهائي ڇڏيو

بدين (ڊ ر) اليڪشن ڪميشن ٻئي مرحلي ۾ 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني اليڪشن جي اعلان کان پوءِ، بدين ضلعي ۾ سياسي سرگرميون شروع ٿي ويون آهن،سياسي پارٽين پاران ويجهن دوستن ۽ مٽن مائٽن  سان رابطن جي  سلسلي ۾ پڻ تيزي اچي وئي آهي جڏهن ته وڏيرن، پيرن ميرن جي اوطاقن تي ھلڪي ڦلڪي رش ٿيندي نظر اچي رھي آھي. ٻئي طرف اڳوڻي اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي چيئرميني ۽ ڪائونسلري جون سيٽون سنڀاليندڙ چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن  پنهنجي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرڻ بجاءِ ڪرپشن کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ کان پوءِ عوام کي وڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڏٺو پيو وڃي، جنهن ڪري هن دفعي مختلف برادرين پاران پنهنجي علائقي توڙي وارڊن مان پنهنجا ماڻهو بيھاري سياسي ماڻهن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ ڪيل سروي موجب بدين ضلعي جي 68 يونين ڪائونسل، ٻن ميونسپل ڪميٽين ۽ 11 ٽائونن ۾ چونڊيل چيئرمينن طرفان عوام جا ڪم نه ڪرڻ انھن شھرن جي حالت اجڙيل نظر اچي رھي آھي ۽ چونڊيل نمائندن جو به توجهه گهٽ ھجڻ سبب ماڻهن ۾سخت ڪاوڙ جي لھر پکڙيل آهي جنهن ڪري ھي اليڪشن به ڪنهن امتحان کان گهٽ ناهي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي پاران پنهنجن ماڻهن کي اليڪشن ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ ضلعي آفيس ۾ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو وٽ درخواستون جمع ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن جتي پيپلزپارٽي پاران اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران درخواستون جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ جنهن جي 15 تاريخ آخري ٻڌائي پئي وڃي، باخبر ذريعن موجب بدين ضلعي ۾ جلد تبديلي اچڻ جا امڪان آهن جنهن ۾ ڪجهھ سياسي پارٽين جا اڳواڻ  جيڪي بدين ۾ ٿيندڙ اليڪشن مهم جي نگراني ڪرڻ لاءِ بدين جي ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ راضي ڪندا، ذريعن موجب هن دفعي بدين ۾ پيپلز پارٽي، مرزا گروپ، تحريڪ لبيڪ ۽ آزاد اميدوارن جي ڀرپور نموني سان اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ڊوڙ ڊڪ شروع آهي مرزا گروپ پيپلز پارٽي کي منجھائي رکيو آھي، پيپلز پارٽي ضلعي قيادت به اندوني اختلافن جي ور چڙھيل آھي جنھن ڪري پيپلز پارٽي کي اڳ به بدين جي 14  وارڊن تي مرزا گروپ شڪست ڏني اصل مقابلو پيپلز پارٽي ۽ جي ڊي اي مرزا گروپ ۾ آھي

  • پاڪستان خاصخيلي اتحاد ڪراچي پاران مڪاني چونڊن ۾ اميدوار بيهارڻ جواعلان

کوکراپار(ن ع آ )پاڪستان خاصخيلي اتحاد ڪراچي پاران ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وڻڻ جو اعلان تمام يونين ڪونسلن تي اميدوار بيھارينداسين ۽  اليڪشن مھم جي حوالي سان مختلف برادرين ۽ سياسي پارٽين سان اتحاد جي حوالي سان ڪميٽي تشڪيل ڏيئي ملير ۾ ايندڙ اليڪشن جي حوالي سان عوامي سجاڳي مھم ھلائڻ جو اعلان ڪيو .

  • ڪلوئي جا جيالا ملاڻي هائوس پهتا، ٽڪيٽن لاءِ نالا فائينل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)بلدياتي اليڪشن بابت ٿر ۾ پ پ جون سرگرميون جاري آهن،اُنهي سلسلي ڪلوئي تعلقي سان تعلق رکندڙ  پ پ جا اهم اڳواڻ ووٽرن کي ساڻ ڪري پ پ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري،ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ پ پ ضلعي صدر انجنيئر گيانچند ٿاهراڻي وٽ ملاڻي هائوس مٺي تي پهچي ويا،جتي اڳواڻن پاران مهيش ڪمار ملاڻي ۽ گيانچند ٿاهراڻي تي مڪمل اعتماد ڪندي ٽڪيٽن جا فيصلا به ٻنهي اڳواڻن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن،گڏجاڻي بعد ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ گيانچند ٿاهراڻي جي سربراهي ۾ ڪلوئي تعلقي جي مختلف يونين ڪائونسلن ڀٽارو،يوسي ساڙھور،يوسي کيتلاري،يوسي گرڙاٻھ ۽ يوسي ڪلوئي جي بلدياتي اليڪشن جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿي گُذريو،اجلاس ۾ پ پ اڳواڻ محمد خان لُنڊ،عمر لنڊ،ارباب اڪبر عادل،انور لنڊ،يوسف لنڊ،سمير ٿاراڻي،ھريش مينگھواڙ،ارباب خاصخيلي،محمد بخش چانڊيو،نظر محمد چانڊيو،معشوق خاصخيلي،سانوڻ،محمد خان،نارائڻ ڀيل،اشوڪ مينگھواڙ سميت ٻين يوسين جي معززين شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ ٽڪيٽن بابت صلاح مشورا ڪرڻ بعد نالا شارٽ لسٽ ڪيا ويا،مليل رپورٽن موجب ته ڪلوئي تعلقي جي شريڪ ٿيل معززين پاران ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ گيانچند ٿاهراڻي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سمورا فيصلا ڪرڻ جا به اختيار حوالي ڪيا ويا،اُنهي موقعي تي گڏجاڻي ۾ شريڪ اڳواڻن جو چوڻ هو ته اسانجي يوسين ۾ پيپلزپارٽي طرفان جيڪو به فيصلو ڪري اميدوار آندا ويندا اُھي اسانجي لاءِ قابل قبول ھوندا ۽ اسان سدائين پيپلزپارٽي سان نڀايو آهي ۽ نڀائينداسين،اُنهي موقعي تي پ پ يوٿ ونگ ڊويزنل صدر سُشيل ڪمار ملاڻي،سراج سومرو ۽ ديپڪ شرما موجود هئا.

  • گهوٽڪي پٺاڻ برادري جي معزز شخصيت پ پ ۾ شامل

گھوٽڪي ( ڊ ر ) پٺاڻ برادري گهوٽڪي جي مشهور شخصيتن آغا انصاف خان پٺاڻ ۽ آغا عبدالخالق پٺاڻ صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان  ڌاريجو سان ڄام هائوس عادلپور ۾ ملاقات ڪري مهر گروپ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري پنهنجي برادري سميت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام اڪرام الله خان ڌاريجو آغا انصاف خان پٺاڻ کي برادري سميت پ پ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ملڪ گير قومي سياسي جماعت آهي جنهن ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ سڀني قومن ۽ ٻولين جا ماڻهو شامل آهن ۽ هاڻي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي ويزن کان متاثر ٿي ماڻهو وڏي انگ ۾ پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن هن چيو ته اسان جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي گهوٽڪي ضلعي جو جنرل سيڪريٽري سڪندر علي لاکو، حاجي سليم الله خان ڪلوڙ ۽ سياسي سماجي شخصيتون پڻ موجود هيون.

  • سڳيون يوسي ۾ فقير ذوالفقار منگي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

خيرپور ( س ر) سڳيون جي 18 ڳوٺن جي ووٽرن فقير ذوالفقار علي منگي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، يوسي سڳيون جي عوام  يوسي  چيئرمين جي اميدوار فقير ذوالفقار علي منگي کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ پير پاڳاري، پير صدر الدين شاهه راشدي  کان مطالبو ڪيو آهي ته يوسي سڳيون جي چيئرمين شپ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وڃي. انسلسلي ۾ يوسي  سڳيون جي چيئرمين لاءِ اميدوار نوجوان سماجي اڳواڻ فقير ذوالفقار علي منگي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن پارٽي اعتماد ڪري ٽڪيٽ ڏني ته انشاءُ لله وڏي اڪثريت سان ووٽ کڻي ڪامياب ٿيندس ۽ عوام جي خوشحالي ۽ علائقي جي ترقيءَ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندس.

  • دريا خان مري بلدياتي اليڪشن، عوامي اتحاد جون سرگرميون

دريا خان مري ( ن ع آ ) دريا خان مري جي يوسي چاناري ۾ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان سرگرميون تيزي سان جاري عوامي اتحاد جي اڳواڻ نواز علي لاشاري آصف کوکر پاران ڳوٺ حاجي جلال لاشاري ڳوٺ عطا محمد  لاشاري ڳوٺ لڙ ڳوٺ جمع خان لاشاري ڳوٺ ڪھڪاٽ م ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون گڏجاڻي دوران صحافين سان ڳالھائيندي نواز علي لاشاري چيو ته عوامي اتحاد پاران سمورن وارڊن م اميدوار بيھاريا ويندا ھن چيو ته يوسي چاناري جا سوين ڳوٺن جا رھواسي تعليم صحت ڊرينيج سسٽم روڊ رستن سميت بنيادي سھولتن کان محروم آھن ھن وڌيڪ چيو ته يوسي چاناري ۾ لاشاري خاصخيلي شر منگيا گبول کوکر موروجا وڳڻ برادري جا وڏي تعداد ۾ ووٽ آھن ۽ يوسي چاناري جي ھر وارڊ ۾ يوسي چاناري اتحاد پاران گڏيل اميدوار بيھاريا ويندا ۽ بلدياتي اليڪشن م مختلف پارٽين جي اميدوارن سان سخت مقابلو ڪيو ويندو.

  • لاڙڪاڻي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ، 55  اميدوارن فارم وصول ڪيا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ايندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ شهر ۽ تعلقي لاڙڪاڻي جي سيٽن تي چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم  وصول ڪرڻ جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو جتي مجموعي طور تي 55 کان وڌيڪ اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا جنهن ۾ حيدري ٽائون ڪاميٽي لاءِ 2، سچل ٽائون ڪاميٽي لاءِ 6، ايمپائر ٽائون ڪاميٽي لاءِ 10 ۽ تعلقي لاڙڪاڻي لاءِ 35 اميدوارن طرفان نامزدگي فارم وصول ڪيا ويا جڏهن ته دڙي ٽائون ڪاميٽي لاءِ هڪ به اميدوار نامزدگي فارم وصول ڪيو. هوڏانهن مختلف سياسي سماجي مذهبي ۽ قومپرست جماعتن طرفان مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ سرگرميون ۽ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

  • شڪارپور ۾ ڪمشنر پاران مڪاني چونڊن ۽ پوليو بابت گڏجاڻي

شڪارپور ( ڊ . ر ) ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاري جي سربراهيءَ ۾ 26 جون تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي انتظامي تيارين بابت گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر، ونگ ڪمانڊر لاڙڪاڻو ڪرنل بيگ، اليڪشن ڪمشنر شڪارپور عامر علي شاهه، ڊي اي او پرائمري ۽ سڪنڊري ۽ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر ٻڌايو ته هن وقت تائين 2300 سئو نامينيشن فارم ورتا ويا آهن، جڏهن ته 110 اميدوارن پاران فارم جمع ڪرايا ويا آهن. رٽرننگ آفيسرس ابرار حسين جعفر ٻڌايو ته ضلعي شڪارپور ۾ 55 يوسيز ۽ 62 وارڊن تي اليڪشن لاءِ هڪ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، 13 رٽرننگ آفيسرس، 26 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرس مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ضلعي اندر 543 پولنگ اسٽيشن ۽ 1859 بوٿن لاءِ 543 پرزائيڊنگ آفيسرس ۽ 1859 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرس جو عملو مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته اليڪشن منعقد ڪرائڻ لاءِ 4500 عملي جي ضرورت درڪار آهي، جڏهن ته 13 هزار سرڪاري ملازم آهن، گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڪمشنر لاڙڪاڻه گهنور خان لغاري چيو ته تجويز شده پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪري اتي موجود سهولتن ۽ ضرورتن بابت رپورٽ ڏني وڃي ۽ حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن جي مانيٽرنگ لاءِ سي سي ٽي وي بابت ۽ انهن جي خرچن بابت تغمينو لڳائي جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر حتمي اميدوارن سان گڏجاڻيون ڪري هنن کي اليڪشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ کان پڻ واقف ڪن، جڏهن ته امن امان بابت پڻ جلد گڏجاڻي ڪري حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن بابت پڻ رپورٽ ڏني وڃي. ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته 25 ۽ 26 جون تي لوڊ شيڊنگ نه ڪئي وڃي ته جيئن اليڪشن بهتر نموني ٿي سگهي. گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائي ونگ ڪمانڊر لاڙڪاڻو ڪرنل بيگ چيو ته جيئن ئي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن بابت اڳڀرائي ٿيندي، اسان پنهنجي نفريءَ جو پلان فائينل ڪنداسين، ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاري پوليو بابت هڪ ٻي ڌار گڏجاڻي ڪندي چيو ته پوليو بابت شڪارپور جون 49 مان 48 يوسيز اي ڪيٽيگريءَ ۾ هجڻ تمام سٺي ڪارڪردگي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ صرف شڪارپور ۾ ڪوبه انڪاري ٻار ناهي جيڪا هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته مائيڪرو پلان کي اپ ڊيٽ ڪري ٽيمن تي ورڪ لوڊ گهٽايو وڃي. جيئن ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي، ترقياتي ڪمن بابت گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاريءَ چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ جتي سرڪاري ۽ پرائيويٽ زمين حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي اتي اسسٽنٽ ڪمشنر جلد زمين وٺن ۽ ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪن ته جيئن ترقياتي اسڪيمون متاثر نه ٿين. گڏجاڻيءَ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر، ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري، ڊي ايڇ او سميت صحت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

  • ڏوڪري لڳ يوسي دڙا سومرا برادري جو معزز پ پ ۾ شامل

ڏوڪري ( ن ع آ ) ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل دڙا جي سومرا برادري جي معزز حاجي ارباب علي سومرو، ثناءُ ﷲ سومرو،عبدالغفار سومرو،  نثار احمد سومرو، حاجي حيدر، منظور علي، غلام سرور، هدايت ﷲ، نظير احمد، حفيظ سومرو ۽ ٻين اڳوڻي يوسي چيئرمين ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو، ايڊووڪيٽ محمد ياسين ابڙو جي هٿ تي جي ڊي اي کي الوداع ڪري پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي پيپلزپارٽي پارٽي ۾ شامل ٿيندڙ سومرا برادري جي ماڻهن جو چوڻ هو ته پنهنجي برادري سميت پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيون ٿا اسان جو جئيڻ مرڻ پاڪستان پيپلزپارٽي سان آهي ۽ رهندو. هوڏانهن اڳوڻي يوسي چيئرمين ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو، ايڊووڪيٽ محمد ياسين ابڙو جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي عوام پيپلزپارٽي جي قيادت سان بيحد پيار ڪري ٿو. عوام پيپلزپارٽي جي قيادت سان ڏک سک ۾ گڏ آهي. هنن چيو ته سومرا برادري کي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چئون ٿا سومرا برادري سان هر موڙ تي گڏ آهيون.

  • آريجن لڳ پ پ اڳواڻ مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا

خير محمد آريجا ( ن ع آ )  باقراڻي تعلقي جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي صدر طارق انور سيال پاران باقراڻي تعلقي جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن بخش جتوئي، ڳوٺ يار محمد بروهي، ڳوٺ پيارو واهڻ ۾ ابڙا ۽ بروهي برادري جي ماڻهن سان سندن جي فوت ٿيلن جي وارثن سان فاتح خواني بعد تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو ان موقعي تي ساڻس گڏ سردار محسن خان آريجو، نظير احمد جيسر، ديدار جتوئي، محمد شفا آريجو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا ان موقعي تي پ پ اڳواڻ طارق انور سيال پ پ ڪارڪن ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار ئي ڪاميابي ماڻيندا ۽ مخالفن کي شڪست نصيب ٿيندي پ پ اڳواڻ طارق انور سيال وڌيڪ چيو ته اسان جا دروازا عوام لاءِ هميشه کليل آهن پي ايس 12 پي ايس 13 جي عوام سان اسان جو پنهنجائپ ۽ ڀائري وارو رشتو آهي اسان عوام جي ڏک سک ۾ گڏ آهيون ۽ گڏ رهنداسين پيپلز پارٽي عوام جي بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪري رهي آهي.

  • لاڙڪاڻي جي مڪاني چونڊن بابت تياريون، عملدار شريڪ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاري جي سربراهيءَ ۾ 26 جون تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جي انتظامي تيارين بابت گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر، ونگ ڪمانڊر  لاڙڪاڻو ڪرنل بيگ، اليڪشن ڪمشنر شڪارپور عامر علي شاهه، ڊي اي او پرائمري ۽ سڪنڊري ۽ چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ مڪاني چونڊن بابت ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر ٻڌايو ته هن وقت تائين 2300 سئو نامينيشن فارم ورتا ويا آهن، جڏهن ته 110 اميدوارن پاران فارم جمع ڪرايا ويا آهن. رٽرننگ آفيسرس ابرار حسين جعفر ٻڌايو ته ضلعي شڪارپور ۾ 55 يوسيز ۽ 62 وارڊن تي اليڪشن لاءِ هڪ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، 13 رٽرننگ آفيسرس، 26 اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرس مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ضلعي اندر 543 پولنگ اسٽيشن ۽ 1859 بوٿن لاءِ 543 پرزائيڊنگ آفيسرس ۽ 1859 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسرس جو عملو مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته اليڪشن منعقد ڪرائڻ لاءِ 4500 عملي جي ضرورت درڪار آهي، جڏهن ته 13 هزار سرڪاري ملازم آهن. گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڪمشنر لاڙڪاڻه گهنور خان لغاري چيو ته تجويز شده پولنگ اسٽيشن جو دورو ڪري اتي موجود سهولتن ۽ ضرورتن بابت رپورٽ ڏني وڃي ۽ حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن جي مانيٽرنگ لاءِ سي سي ٽي وي بابت ۽ انهن جي خرچن بابت تغمينو لڳائي جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسر حتمي اميدوارن سان گڏجاڻيون ڪري هنن کي اليڪشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ کان پڻ واقف ڪن، جڏهن ته امن امان بابت پڻ جلد گڏجاڻي ڪري حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن بابت پڻ رپورٽ ڏني وڃي. ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته 25 ۽ 26 جون تي لوڊ شيڊنگ نه ڪئي وڃي ته جيئن اليڪشن بهتر نموني ٿي سگهي. گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائي ونگ ڪمانڊر لاڙڪاڻو ڪرنل بيگ چيو ته جيئن ئي حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشن بابت اڳڀرائي ٿيندي، اسان پنهنجي نفريءَ جو پلان فائينل ڪنداسين. ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاري پوليو بابت هڪ ٻي ڌار گڏجاڻي ڪندي چيو ته پوليو بابت شڪارپور جون 49 مان 48 يوسيز اي ڪيٽيگريءَ ۾ هجڻ تمام سٺي ڪارڪردگي آهي ۽ سڄي سنڌ ۾ صرف شڪارپور ۾ ڪوبه انڪاري ٻار ناهي جيڪا هڪ تمام وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته مائيڪرو پلان کي اپ ڊيٽ ڪري ٽيمن تي ورڪ لوڊ گهٽايو وڃي. جيئن ڪوبه ٻار پوليو جي قطرن کان رهجي نه وڃي. ترقياتي ڪمن بابت گڏجاڻيءَ سان ڳالهائيندي ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور خان لغاريءَ چيو ته ترقياتي ڪمن لاءِ جتي سرڪاري ۽ پرائيويٽ زمين حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي اتي اسسٽنٽ ڪمشنر جلد زمين وٺن ۽ ڪاغذي ڪاروائي پوري ڪن ته جيئن ترقياتي اسڪيمون متاثر نه ٿين. گڏجاڻيءَ ۾ پبلڪ هيلٿ انجنيئر، ڊي اي او پرائمري ۽ سيڪنڊري، ڊي ايڇ او سميت صحت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

  • ٽنڊي آدم جي حد بندين ۽ ووٽر لسٽن ۾ غلطيون

ٽنڊو آدم (ن ع آ)اليڪشن ڪميشن سانگهڙ جي آفيس طرفان ٽنڊي آدم ميونسپل ڪميٽي جي 23 وارڊن جي حد بندين کي ٽوڙي  جيڪي نيون حد بنديون ۽ ووٽر لسٽون ٺاهيون ويون آهن انهن جي ورتل جائزي موجب ميونسپل جي 16 وارڊن ۾ وارڊ نمبر هڪ کان 6، وارڊ نمبر 12 کان 17 ۽ وارڊ نمبر 18 کان 23 تائين وارڊن جون ملايل حد بندين ۾ هڪٻئي کان تقريبن ڏيڍ ڪلو ميٽرکان 2 ڪلوميٽرن تائين جو مفاصلو آهي جيڪو فاصلو طع ڪري ووٽرن کي پولنگ اسٽيشن تي پهچڻو پوندو.  ذڪر ڪيل حد بندين جي نه ته ڪا بارڊر لائين ملي ٿي ۽ نه ئي ووٽر لسٽن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو آهي . قانون ۽ قائدن جي لتاڙ ڪندي ريلوي ٽريڪ  جي هڪ ڀر واري وارڊ سان وري ريلوي ٽريڪ جي ٻئي پاسي  جون حدون ملايون ويون آهن ۽ حد بندين کي  روڊ ، رستا  پار ڪرائي من پسند حدون ملايون ويون آھن جنهن سان  ووٽر کي پولنگ اسٽيشن تي پچڻ ۾ مشڪلاتون پيش اينديون. جيڪڏهن وارڊن جو وچور ڪبو ته  وارڊ نمبر 23 ۾ قائم ڪالوني جيڪا ٽنڊو الهيار روڊ تي آهي ان وارڊ ۾ وري ڳوٺ الهيار مري کي شامل ڪيو ويو آهي مجموعي طور سڀني وارڊن ۾ اهڙي صورتحال آهي ٻئي طرف مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ آزاد ۽ پ پ مخالف پارٽين جي اميدوارن نثار خاصخيلي ، ڪامريڊ محمد خان پنهور ، دين محمد ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نيون ڪيل حدبنديون هڪ پارٽي کي ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ ٺاهيون ويون آهن جنهن سان ووٽرن کي به ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ ۾ به تمام گهڻي تڪليف ٿيندي هنن ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن آف سانگهڙ جي اختيارين کان ڪيل حدبندين تي ووٽرن جي سهولت کي مد نظر رکندي نظرثاني جي اپيل ڪئي آهي مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجن طرف وينداسين.

  • ميرپورخاص ۾ پارٽي اميدوارن پاران مڪاني چونڊن جي حوالي سان تياريون تيز

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ پارٽين پاران پنهنجن اُميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ فيصلا ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳل آهن، مڪاني چونڊن ۾ پارٽين جا ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ اُميدوارن پاران ڪوششون جاري آهن جنهن جي ڪري پارٽين ۾ اختلاف سامهون اچڻ لڳا آهن. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اندروني اختلافن سبب ايم ڪيو ايم پاڪستان واضع ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي چڪي آهي ٻنهي ڌڙن پاران مڪاني چونڊن ۾ شهر جي مختلف تڪن تان پنهنجا پنهنجا اُميدوار بيهارڻ جو تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن ۽ پنهنجن اُميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ لاءِ مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن جا حمايت وٺڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن جڏهن ته ميرپورخاص  ۾ شهري سياست ۾ هنيشه اڳ ڀري رهندڙ ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪندڙ ايم ڪيو ايم اندروني طور سخت انتشار جو شڪار ٿي ويئي آهي ايم ڪيو ايم  جي ٽڪيٽ تان گذريل مڪاني چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ ڪائونسلرن مان ڪافي ڪائونسلر پنهنجي طور آزاد اُميدوار طور پڻ نامزدگي جا فارم ڀري رهيا آهن ۽ پنهنجي برادري سميت علائقي جي مختلف برادرين کان حمايت وٺڻ جي ڪوششن ۾ لڳل آهن ايم ڪيو ايم ۾ اندروني اختلافن ۽ ميونسپل ڪاميٽي کي ميونسپل ڪارپوريشن جو درجو ملڻ بعد ٻهراڙي جا علائقه ڪارپوريشن ۾ شامل ٿيڻ بعد ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي جا امڪان نه هجڻ جي برابر نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته پيپلزپارٽي پاران پنهنجن اُميدوارن کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪرڻ پڻ آخري مرحلن ۾ پهتل آهي ۽ مختلف تڪن تي ٻن سڳن ڀائرن ۽ مٽ مائٽن پاران ٽڪيٽ گھرڻ سبب پارٽي مونجھاري جو شڪار نظر اچي رهي آهي ۽ چونڊن جي حوالي سان فيصلن ۾ نظرانداز ڪرڻ ۽ ٽڪيٽ نه ملڻ جي خدشي سبب پيپلزپارٽي ۾ پڻ اختلاف سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن پارٽي قيادت پاران مڪاني چونڊن ۾ اُميدوارن جي حوالي سان اهميت نه ڏيڻ نظر انداز ڪرڻ تي سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽ فيڊريشن سنڌ جي نائب صدر دريا خان مري احتجاجن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي آهي دريا خان مري پاران ڏنل استعيفيٰ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مڪاني چونڊن جي حوالي سان منعقد ڪيل اجلاس ۾ کائنس نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو ۽ اهميت نه ڏيندي هٿ وٺي نظر انداز ڪيو ويو جيڪو ڏکوئيندڙ عمل آهي آءُ ڀٽو ازم تي يقين رکان ٿو اهڙين حالتن ۾ آءُ پارٽي جي عهدي تي ڪم نه ڪري سگھندس ان ڪري آءُ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيان ٿو ۽ عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي باوجود آءُ بطور پارٽي ورڪر پارٽي ۾ رهندس. جڏهن ته پيپلزپارٽي جون ذيلي تنظيمو پڻ غيرفعال نظر اچي رهيون آهن پيپلزپارٽي ۾ ٽڪيٽن تان اختلافن سميت اندروني اختلافن ۽ پيپلزپارٽي جي اُميدوار کي قومي تڪ تان شڪست ڏيئي آزاد ايم اين اي طور ڪامياب ٿيل پيپلزپارٽي جو اڳوڻي صوبائي وزير سيد علي نواز شاه پاران به شهر توڙي ٻهراڙي ۾ متحرڪ ٿيڻ سبب پارٽي کي عوامي رابطن ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچڻ جا امڪان آهن جڏهن ته مڪاني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ به اندروني اختلاف جو شڪار هجڻ سبب شهر توڙي ٻهراڙي جي سياست ۾ ڪجھ خاص ڪردار ادا ڪندي نظر نه اچي رهي آهي پي ٽي آءِ جو ضلعي صدر آفتاب قريشي پنهنجي طور پير هڻي اُميدوارن جي ڪاميابي لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي ن ليگ، فنڪشنل غيرفعال بڻيل آهن جڏهن ته سياسي پارٽين پاران شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه رکڻ ۽ عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ناڪام ٿيڻ تي عوام پاران پڻ مڪاني چونڊن ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ ايندڙ سياست دانن ۽ اميدوارن کي سندن ڪارڪردگي ۽ پنجن سالن تائين گُم رهڻ جي حوالي سان سوال ڪري ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ جون تياريون مڪمل ڪرڻ جون ڳالهيون عام ٿيڻ بعد سياسي پارٽين جا ضلعي توڙي سٽي جا اڳواڻ عوام ڏانهن وڃڻ کان لنوائي رهيا آهن.

  • ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين: صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ڪنوينر ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي طرفان لاڙڪاڻي ۽ تعلقي ڏوڪري جي مختلف علائقن جو دورو ڪري ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪرڻ سان گڏ تعزيتون ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صفدر عباسي ڳوٺ آبڙي جو دورو ڪري شبير علي عباسي ۽ وحيد علي عباسي سان ايندڙ چونڊن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا، ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ڳوٺ علي آباد ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ڏاڏو الله بخش انڙ، سانول خان انڙ، جي ڊي اي اڳواڻ عادل خان انڙ۽ عدنان خان انڙ سان پڻ ڌار ڌار ملاقاتون ڪري ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان صلاح مشورا ڪيا. ٻئي طرف ڊاڪٽر صفدر علي عباسي لاڙڪاڻي طرفان مهي مڪول شهر جو دورو پڻ ڪيو ويو، جتي هن فرمان علي مڪول سان سندس ڀاڻيجي جي وفات تي دعا گهري، ڊاڪٽر صفدر عباسي ڏوڪري جي ڳوٺ فيض محمد کوکر پهتو، جتي هن پنهنجي دوست قربان علي کوکر جي گهرواري جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف شهرن جا دورا ڪرڻ دوران ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو چوڻ هيو ته پنهنجي اتحادين سان گڏ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين. هن چيو ته جي ڊي اي هن وقت سڄي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهي آهي ۽ سمجهون ٿا ته عوام جي نظرون جي ڊي اي ۽ ان جي اتحادين ڏانهن آهن، جيڪي عوام جا مسئلا پڻ حل ڪري سگهن ٿا.

  • سجاول ۾ جي يو آءِ پاران مڪاني چونڊن جي حوالي سان ھنگامي اجلاس

سجاول (رپورٽ: راجا منظور ميمڻ) جميعت علماء اسلام جا ڪارڪن بلدياتي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺن، ۽ پاڻ ۾ جهاد جي جذبي ۽ شهادت جي شوق پيد اڪري جماعت جي ڪم کي اڳتي وڌائن، گذريل رات جميعت  علماء اسلام يونٽ سجاول جو هنگامي عمومي اجلاس حافظ نصرالله هاشماڻي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ دعائيه خطاب ڪندي جي يو آءِ تعلقي سجاول جي امير مفتي نذير احمد عمراڻي چيو ته اڳئين انبياء ڪرام به سياست ڪندا هئا، ۽ پنهنجي ماڻهن جي حقن جي حفاظت ڪندا هئا، سياست جو مطلب پنهنجي ماڻهن جي حقن جي حفاظت ۽ نگهباني ڪرڻ آهي، ان ۾ تڪليف ۽ مشقت به ايندي آهي، جميعت علماءِ اسلام حق جي جماعت آهي، ان جا ڪارڪن جماعت جي هر عمل ۾ جهاد جي جذبي ۽ شهادت جي شوق سان ڀرپور حصو وٺن انشاءَ الله ڪاميابي نصيب ٿيندي، اجلاس ۾ مولانا غلام حسين ميمڻ ، مولانااشرف ميمڻ ، مولانا انورسومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ سجاول جي يارهن وارڊن ۾ جي يو آئي جو مڪمل پينل اليڪشن وڙهندو، جنهن لاءِ وارڊن مان اميدوارن جو درخواستون گهرايون ويون آهن ، هڪ ٻن ڏينهن ۾ پينل مڪمل ڪري اليڪشن مهم جو ڀرپور آغاز ڪيو ويندو، اجلاس ۾ امن امان جي خراب صورتحال ، سرڪاري اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ، بجلي جي اضافي لوڊ شيڊنگ ،۽ پاڻي جي کوٽ تي به تشويش جو اظهارڪيو ويو.

  • لاڙڪاڻي جي يوسي حيدري ۾ ناريجا جا معزز پ پ ۾ شامل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي يونين ڪميٽي 4 حيدري ٽائون جي رهواسي ناريجا برادري جي معززن احمد علي ناريجو، محرم علي، محمد عيسيٰ، محمد يوسف ناريجو ۽ ٻين طرفان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ميمبر سينيٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جميل احمد سومرو، اڳوڻي يوسي چيئرمين ذوالفقار علي بروهي، پي پي پي يوٿ ونگ لاڙڪاڻي جي سينيئر اڳواڻ منصور احمد کوکر، سيد ظفر شاھه ۽ ٻين اڳواڻن، ڪارڪنن توڙي علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ جي يو آءِ، جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ احمد علي ناريجو ۽ محرم علي ناريجو پنهنجي سموري برادري سميت پي پي پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو . ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ جميل احمد سومرو گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪندڙ ناريجا برادري جي سڀني معززن کي اسان ڀليڪار ڪيون ٿا، جڏهن ته پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، جنهن جا دروازا هر وقت ماڻهن لاءِ کليل هوندا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.