ڪتاب ” آڏو ٽڪر ٽر“ تي ھڪ اڀياسي نظر

تحرير: ذلفي چاچڙ

مونکي تڏھن عجيب لڳندو آھي، جڏھن منھنجا ڪجھ ليکڪ دوست نه لکڻ جو ڪارڻ مصروفيت ۽ وقت نه ملڻ جو سبب ٻڌائيندا آھن، ۽ تڏھن وڌيڪ حيرت ٿيندي آھي جڏھن اياز لطيف دايي کي مستقل مزاجي سان مسلسل لکندي ڏسندو آھيان ۽ سندس لکڻيون، نثر توڙي نظم ۾ اڪثر پڙھندو رھندو آھيان. جڏھن ته ھو نھايت ئي مصروف زندگي گذاري رھيو آھي، جيڪو صبح جو ھر ورڪ ڊي تي ڪلاڪ سوا جي ڊرائيونگ ڪري گھوٽڪي کان اوٻاوڙو ۽ اوٻاوڙي کان گھوٽڪي ايندو ويندو رھي ٿو. ھو نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي اوٻاوڙو برانچ ۾ منيجر جي حيثت سان پنھنجون خدمتون سرانجام ڏئي رھيو آھي، جتي جو ھر ڏينھن سندس مصروف ترين ڏينھن گذرندو آھي. ان باوجود به جڏھن آئون صبح جو موبائل ۾ نيٽ ڊيٽا آن ڪري فيس بڪ کوليندو آھيان ته ان جي ڪا ڪوَتا، شاعري جو ڪو نه ڪو اسم جھڙوڪ وائي، نظم، آزاد نظم يا غزل وغيره پڙھڻ لاءِ  لازمي ملندو آھي، ۽ ملڪ توڙي دنيا ۾ پيش ايندڙ واقعا، اٿل پٿل ۽ لاھن چاڙھن واري عالمي سياست کان ھو ڪڏھن به بي خبر ناھي رھيو. سنڌ جا معروضي مسئلا جيڪي بدقسمتي سان ھِن قوم جو مقدر بڻجي ويا آھن جيئن قبيلائي جھيڙن ۾ بيگناه ماڻھن جو قتل، نوجوان شاگردن ۽ سياسي و ادبي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ کين ماري ڇڏڻ، صغير ٻارڙن سان جنسي ڏاڍائن جا ڏکوئيندڙ واقعا، ٻارڙن جو اغوا، ڪارو ڪاري يا خانگي اسڪولن ۾ نياڻين کي جنسي حراسمينٽ ڪرڻ مطلب ته ڪنھن به ڪرنٽ اشوز جي ردِعمل ۾ سندس لکيل ڪالم اسان کي صبح جي اخبار ۾ پڙھڻ لاءِ  ملي ويندو آھي. ڪنھن نامعلوم شاعر جون ھيء سٽون اياز لطيف جي شخصيت تي ئي ٺھڪي اچن ٿيون ته

قلم منھنجي ۾ جنبش ايندي رھندي،

ٿيندو رھندو  ھتي جيستائين ايئن.

ھو سدائين ٻين جا مسئلا پنھنجا مسئلا سمجھندو آھي ۽ ٻئي ڪنھن جي تڪليف تي تڙپي پوندو آھي، اھو ئي ڪارڻ آھي جو اياز ڪنھن به ڏاڍ تي خاموش رھڻ سکيو ئي ناھي ۽ نه ئي ڪڏھن سچ کي ڪنھن سمجھوتي تحت قربان ڪيائين، نڪو وري ڪنھن جي شان ۾ قصيده به چيائين، ھو ڪنھن جي جائز تعريف به اھڙي موقعي ۽ مھل تي ڪندو آھي جو ان مان ڪنھن به طرح خوشامند وارو تاثر پئدا ناھي ٿيندو، مثال طور سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير مرحوم علي محمد مھر سندس ويجھو دوست ھو، پر سندس حياتي ۾ ھن ڪڏھن به ڪو تعريفي ليک نه لکيو. اياز جيڪو ڳالھائيندو گھٽ ۽ لکندو وڌيڪ آھي، ايئن به ناھي ته گھڻو  لکڻ سبب سندس لکڻيون بي چس بي اثر بور ۽ بيزار ڪندڙ ھجن ٿيون، پر سندس ھر ليک منفرد، نواڻ سان ڀرپور ۽ منجھس ڪو به ورجاء نٿو ملي ۽ نه ئي پڙھندڙن کي ڪٿي ڪڏھن ٿڪائي وجھي ٿو، ھو پنھنجي لکڻين جو تسلسل اھڙي طرح قائم رکي ان ۾ ڀرپور تاثير ڀري ٿو، جو ڪو به پڙھندڙ تيستائين پنھنجون نظرون ان تحرير تان ھٽائي نٿو سگھي، جيستائين ان کي پورو نه پڙھي وٺندو ھجي۔ منھنجي خيال ۾ صرف اِن شخص کي ئي ڪامياب ليکڪ چوڻ درست ٿيندو جيڪو اھڙو ئي ھنر ڄاڻيندو ھجي، اياز عام ليکڪن جيان لکڻ لاءِ  ڪنھن مناسب موقعي ۽ ماحول جو محتاج ڪڏھن به ناھي رھيو۔ ”جو دم غافل سو دم ڪافر“ واري ڳاله جيان دايو صاحب ڪڏھن به لکڻ واري عمل کان غافل رھيو ئي ناھي، ھو سفر ۾ ھجي يا ماڻھن جي ھجوم ۾ ويٺل، جڏھن به خيالن جا پکي سندس ذھن جي ڍنڍ تي لھي اچن ٿا ته انھن کي فورن قيد ڪري وٺي ٿو، سامھون رکيل شيشي جي ميز يا ڊش بورڊ تي پيل ڪاغذن يا ڪنھن فائل جي ڪور تي ھڪ ڪنڊ ۾ بي ترتيبي سان لکي ڇڏيندو آھي، جنھن کي بعد ۾ ڪنھن صنف جي حدبندي ۾ آڻي لازوال بڻائي ڇڏيندو آھي، ايئن لڳندو آھي ڄڻ اياز لطيف رات جو به سک سان ناھي سمھندو ۽ ھو جھڙوڪ ننڊ ۾ به شاعري ڪندو رھي ٿو، جيڪو صبح جو سجاڳ ٿيندي ئي  پنھنجي شاعري فيس بڪ تي اپلوڊ ڪريو ڇڏي.

اياز لطيف دايو جو پورو نالو اياز احمد آھي ۽ لطيف تخلص، جيڪو سندس حب اللطيفي کي ظاھر ڪري ٿو، چوندا آھن ته ماڻھوء جي شخصيت ۽ طبيعت تي سندس نانء جو ڏھ فيصد اثر ٿئي ٿو، شيخ اياز جي آتم ڪٿا ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر ۾ لکي ٿو ته ” آئون ڪورٽ ۾ به  شاعري لکندو رھندو ھئس، جج، وڪيل توڙي عام ماڻھون ايئن سمجھندا ھئا ته اياز ڪنھن ڪيس جي سلسلي ۾ تياري ڪري رھيو آھي“ ۽ ساڳي ئي ڪتاب ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته ڀٽائي جي رسالي جو اردو ۾ ترجمو ڪندي رات گذري ويندي ھئي ۽ اڪثر اَسر جون اذانون اچڻ لڳنديون ھيون. اياز لطيف به جڏھن پنھنجي آفيس ۾ ڪجھ لکندو آھي ته ماڻھون اھو سمجھندا ھوندا ته ھو پنھنجو دفتري ڪم ڪري رھيو آھي. بھرحال لکڻ وارا ! نه لکڻ جو ڪو به جواز پئدا ٿيڻ ناھن ڏيندا ۽ نه ئي وري ڪو بھانو به قبول ڪندا آھن، پوء اھي ڇو نه اياز لطيف جيان بينڪرز واري مصروف زندگي گذاريندا ھجن يا شاڪر شجاع آبادي جيان اپاھج ۽ محتاجي واري. جيتوڻيڪ آئون اياز لطيف کي ادبي حوالي سان تقريبن ڏھاڪو سالن کان کيس سڃاڻان، ان وچ ۾ منھنجي ساڻس فقط ھڪ ڀيرو سنڌي ٻولي جي عالمي ڪانفرنس دوران نيشنل ميوزيم ڪراچي جي شمشير الحيدري ھال ۾ مختصر ملاقات محض ھٿ ملائڻ واري حد تائين ٿي ھئي. آئون اڪثر نالي چڙھيل ۽ چوٽي جي اديبن ۽ ليکڪن سان ملڻ کان لنوائيندو آھيان، ان جا ڪيئي ڪارڻ آھن. ڇھ ست مھينا ٿيندا جو آئون ھڪ بيواه جي رڪيل پينشن جي سلسلي ۾ نيشنل بينڪ ۾ ويس، جتي مونکي ھڪ ڪائونٽر کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئي تائين موڪلي اچ وڃ ڪرائيندي مختلف بھانا ڪندا رھيا. مونکي شيشي جي ديوار مان اندر ويٺل اياز لطيف نظر آيو، پر ان خوف کان وٽس ھلي نه ويس ته مون جھڙي عام ۽ معمولي ماڻھوء کي ھو ڪٿي سڃاڻيندو، سو مون رئوف پارس دايو کي ميسيج ڪري کيس سفارش ڪرڻ جي گذارش ڪئي، ڇو ته منھنجي ساڻس ويجھڙائپ ۽ رابطو گھڻي وقت کان رھيو آھي، جنھن وٽان ڪو جواب نه آيو (جنھن بعد ۾ ٻڌايو ته ھو ميسيج شام جو واندڪائي واري وقت ۾ پڙھندو آھي) ته آئون سندس آفيس جو در کولي اندر ويس ته ھو منھنجو نانء کڻندي ڀليڪار ڪيو ۽ ڪرسي تان اٿي ڀاڪر پائي ڏڍي سڪ اڪير پيار ۽ پاٻوھ مان مليو، توڙي جو تنھن وقت وبا واري خوف کان ڪير ڪنھن سان ھٿ به نه ملائيندو ھو، ۽ مونکي گھربل ڪاغذ ڪڍي ڏنائين. سندس بابت منھنجو گمان بلڪل ئي غلط ثابت ٿيو، ھن مونکي نه رڳو سڃاتو پر قرب به ڏنو. حقيقت ۾ وڏ ماڻھپو ان کي ئي ته چئبو آھي. ۽ ھاڻ ھر ڀيري پھرين کان وڌيڪ پيار ۽ عزت ڏيندو رھي ٿو ۽ اھڙي طرح منھنجو ساڻس ھڪ محبت ڀريو ۽ روح جو رشتو قائم ٿي چڪو آھي جيڪو ڏانھس ھر دفعي ڇڪي ويندو آھي. گذريل ملاقات ۾ ھن مونکي پنھنجا تازو شايع ٿيندڙ ٻئه ڪتاب حسرتون قيد ۾ آھن (شاعري) ۽ آڏو ٽڪر ٽر (نثر) سوکڙي ڪري ڏنا. آڏو ٽڪر ٽر سندس ڪالمن جو مجموعو آھي، جيڪي ھن مختلف موضوعن تي لکيا، ھوئنن ته ھِن ڪتاب ۾ سڀ چونڊ ڪالم شامل ڪيا ويا آھن ۽ جيڪي سڀ حفظ ڪرڻ ۽ بار بار پڙھڻ جھڙا آھن پر مونکي نواب شاه ۾ ڪوماڻيل گلن جو نوحو، مفاھمتي وھڪري جي ور چڙھيل حڪمران، اذيتن جا انيڪ سوال ۽ فضيلا جي امڙ، سياست جي دنيا جو نيل ڪنول جھڙو ھڪ ڪردار،  ساز ۽ آواز جو عظيم سنگم ڀڳت ڪنور رام،  نوين ڪمار کان پيوش ڪمار تائين درد جو نوحو، انجلي جو الميو، سجاڳي جو ساز گونجي ساري سنڌ ۾ ، جديديت پڄاڻان ۽ بيٺڪيت پڄاڻان،  ساري ٿي تن کي اڀري باک بسنت جي، ھڪ شخص جيڪو شھر جي روشني آھي، جاڳرتا جي جوت ۾ رھجي ويل ڪجھ سوال، جھنم جو جذيرو ۽ آنچل جو المناڪ اغوا، اجتماعي شعور ۾ سمايل بيخود جي خودي، دونھاٽيل زندگي جا عڪس، جي راه اجل ڪنھن ورتي آ. گھڻو وڻيا، جيئن ته ھن ڪتاب ۾ ھر ڪالم جي ھيٺيان تاريخ ڏيڻ گھرجي ھا، جا نه ڏني وئي آھي ۽ ان سان گڏ اخبار جو به نالو ڏنو وڃي ھا ته وڌيڪ بھتر ھو. جنھن سان تاريخ به محفوظ ٿي سگھي ھا ۽ پڙھندڙن کي پڻ ھر ليک جو پسمنظر ۽ وقت/ سال معلوم ٿي سگھي ھا. ھن ڪتاب ”آڏو ٽڪر ٽر“ جو مھاڳ نوجوان صحافي نعمت کھڙي لکيو آھي، جنھن ۾ وجيش ڪمار ۽ رئوف پارس دايو جا ويچار شامل ڪيا ويا آھن. بيڪ ٽائيٽل تي ليکڪ جو مختصر پر جامع تعارف مشھور ليکڪ ۽ خود ساخته جلاوطن صحافي حسن مجتبي لکيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.