دنيا ڊيم ختم ڪرڻ ۽ اسان وري اڏڻ ۾ پورا !

سنڌيءَ ۾ لوڪ چوڻي آھي ته "لوڪ لڏڻ تي- چري اڏڻ تي”.  بي بي سي جي رپورٽ مطابق ته آمريڪا ۾ 1700 کان مٿي ڊيم  ختم ڪري پاڻي جي قدرتي وھڪري کي ساڳي حالت ۾ آندو ويو آهي.  جتي ماھرِ مائيات (Hydrologists) ۽ ماھرِ ارضيات (Geologists) پاران اھو ڄاڻايو ويو آھي ته ڊيم ماحولياتي حفاظت ۽ سماجي و ثقافتي لحاظ کان نه رڳو نقصان ڪار آھي پر ھن دور ۾ ڊيم ھائيڊرو پاور، ٻوڏ کان بچاءُ ۽ زرعي آبپاشي لاءِ به مفيد مقصد پورا نه ٿو ڪري ۽ اُھو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڊيم ۾ زلزلي اچڻ جي صورت ۾ وڏي تباهيءَ ٿيڻ جو خدشو به آھي.

ٻئي پاسي ٺيڪ انهيءَ وقت ٽئين دُنيا جا مُلڪ معاشي طور مفلوج ھوندي، قرض وٺي، چندا گڏ ڪري ڊيم پيا اڏين جنهن جا جواز وري اُھي ئي پيا ڄاڻائين جيڪي ماھرِ مائيات ۽ ماھرِ ارضيات طرفان خطرناڪ نقصان طور ڄاڻايا ويا آهن ۽ جنهن بنيادن تحت دنيا جي ملڪن کي ڊيم ھٽائڻ جي تجويزون به پيش پيا ڪن.

ھتي اھا وضاحت ڏيڻ به ضروري سمجهندس ته جي پاڪستان جا حڪمران ڊيم ٺاهڻ جو جواز رڳو بجليءَ ٺاهڻ جو ڏين ٿا ته اھو قطعي طور به درست ناھي ڇاڪاڻ جو ڊيم ذريعي بجلي ٺاهڻ جو طريقو تمام گهڻو پراڻو آھي ۽ تقريبن دنيا جي ملڪن ھن طريقي ڪار کي خير آباد ڪري ڇڏيو آھي، ڇاڪاڻ جو ھاڻي بجلي کي پيدا ڪرڻ جا جديد سائنسي نمونا اچي ويا آھن جھڙوڪ ايٽامڪ انرجي، ونڊ انرجي، بائيو ماس، سولر، گئس، ڪوئلو وغيره جيڪا ڊيم کان مالياتي طور به تمام سستي آھي ته ماحولياتي به تمام گهڻي مفيد آهي!!..

سوشل ميڊيا پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.