وفاق کي ننڍن صوبن ڏانهن مثبت رويو رکڻو پوندو

تحرير: رياض ابڙو 

ملڪ کي اچي 75 سال ٿيا آهن پر هر صوبو، هر اڳواڻ، هر هلڪو ڦلڪو سياستدان به رڳو حقن جي ڳالهه جي لاءِ ڪوشان لڳو پيو آهي ته انهن قومن کي اٽي، لٽي ۽ اجھي جو اهڙو ڪو پڪو آسرو ملي جنهن ۾ اهي زندگي چڱي گذاري سگهن، ان ڪري اهڙي احساس محرومي جو ماڻهن جي برداشت جواب ڏئي وئي آهي ۽ قومن جو استحصال هاڻي برداشت کان ٻاهر ٿيندو ٿو وڃي، يا جهڙي طرح پي ٽي آءِ جي سرڪار ”ڪي پي سينٽرڪ“ هئي يا رڳو ڪي پي ۽ پنجاب ۾ مرڪوز رهي، ان جي ڀيٽ ۾ توڻي جو نون ليگ تي به رڳو پنجاب جو سحر طاري ٿو رهي يا اهي سدائين هڪ صوبي جي خدمت ۾ ڦاٿل رهيا آهن، پر هاڻي ان ڳالهه جي تعريف ڪري سگهجي ٿي ته 2015 کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم (شهباز) سنڌ اسيمبلي جو دورو ڪيو، يا جهڙي طرح هن وزيراعظم شهباز اچڻ سان ئي صوبائي حڪومتن جي سار لڌي، بلوچستان جو دورو ڪيائين، پوءِ ڀلي سکڻا اعلان ئي ڪري يا ان مان رڳو اڌ جيترا به عمل ٿيڻ يا ڪرڻ جهڙا هجن ته به صحيح، ڇو ته ڳالهه رڳو انهن پسمانده ۽ پٺ تي پيل صوبن جي آهي يا انهن جي ڪجهه خاص علائقن جي ڳالهه رڳو بلوچستان جي ڏاکڻي علائقن جي ڪجي، بلوچستان جي اتريئين حصي جي ڪجي يا اهڙي ريجن جي ڳالهه ڪيون جتي ماڻهن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جون بنيادي سهولتون مهيا ناهن، سهولتون پنهنجي جاءِ تي، اتي رڳو پيئڻ جو صاف پاڻي به مهيا ناهي، جتي ماڻهو ٻن ويلن جي مانيءَ جي لاءِ پريشان آهن.

ائين به ناهي ته اتان جا ماڻهو ترقي نه ٿا چاهن، پر بک بدحالي ۽ بيڪار زندگيءَ جي ڪري، حڪومت جي بي ڌياني جي ڪري بلوچن جي آبادي جو گھڻو حصو ملڪن جي ٻين علائقن ڏي لڏپلاڻ ٿو ڪري، ان ڪري ته جيتري ڪسمپرسي جي حالت انهن جي علائقن ۾ آهي شايد ئي ڪنهن علائقي يا ريجن ۾ هجي، حلانڪ اهڙي صوبي مان جتان ريڪوڊڪ ۽ سينڊيڪ مان سون لڀي (اهو کڻي آسٽريليا کان کسي وري چين کي ڏين) سوئي جي علائقي مان گيس ملي جنهن مان سڄو ملڪ سک وٺي، يا گوادر جي ڊيپ سي پورٽ مان سي پيڪ جا منصوبا ڦٽي نڪرن پوءِ به اتان جا ماڻهو شديد بدحالي جي زندگي گذارن ته پوءِ حيف آهي انهن اڳواڻن کي جيڪي اسلام آباد وڃن ته ٿا پر ڳالهائن نه ٿا، پوءِ بلوچن جي باغي گروهن جو اڀرڻ اڻٽر آهي، جو جڏهن رياست انهن کي احساس محرومي جو شڪار ڪندي ته اهي باغي گروھ پيدا ٿيندا، حڪومت ايڏي وڏي ڳالهه هوندي به اهڙن باغي گروهن سان ڪڏهن ڳالهين جا دروازا به نه ٿي کولي، نه ئي انهن جي درد ڪٿا کي ٻڌڻ لاءِ ئي ڪو تيار آهي، ان ڪري ته جن ماڻهن وٽ روزگار جي اڻهوند هوندي، جن ماڻهن وٽ صحت جون سهولتون نه هونديون، جن ماڻهن وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي نه هوندو، جن ماڻهن جا نسل تباهي جي ڪناري تي هوندا، جيڪي هٿيار کڻڻ تي مجبور هوندا، انهن سان رياست ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ناهي پر ان جي ڀيٽ ۾ افغان بارڊر کولڻ جي لاءِ آتا ويٺا هوندا آهن يا چمن بارڊر جي کليل هجڻ جي ڪري بلوچن جي ڊيموگرافي ئي چينج ٿي وئي آهي جو افغانستان مان پٺاڻ يا پشتو ڳالهائيندڙ بلوچن وٽ ائين ٿا ليٽن ۽ چڙهائي ڪري ويهن يا ڪاهي ٿا پون ڄڻ انهن جو بلوچن جي مٿان ڪو لهڻو ليکو هجي، ان ڪري حڪومت انهن باغي ڌڙن سان ڳالهيون ڪري ۽ ڪامياب به ڪري ته جيئن انهن ڌڙن کي ملڪي مفاد ۾ ڪجهه ڏيڻ جي بنياد تي خاموش ڪري سگهجي ۽ انهن مان بغاوت جي سوچ ۽ عنصر ختم ڪري سگهجي.

ٻيو ته معاشي حالتون جيستائين بهتر نه ٿينديون، جيستائين انهن ماڻهن کي صنعتي يونٽ نه ملندا، جيستائين اهي ماڻهو مختلف ڪم ڪارين ۾ پنهنجن نسلن کي مصروف ۽ مشغول نه رکندا، جيستائين انهن ماڻهن جي مالي حالت نه سڌرندي تيستائين بلوچستان ۾ امن مشڪل آهي، ان بغاوت کي ٻنجو ڏيڻ مشڪل آهي، ان ڪري ته دين هجي يا سياست ان پليٽ فارم تان رڳو غريب ماڻهو روڊن تي نڪري پنهنجن اڳواڻن کي سياست ۽ مذهبي تبليغ جا موقعا ٿا ڏين ڇو ته غريب جي پيٽ ۾ جي ڪجهه هوندو ته اهو بغاوت نه ڪندو، اهو سٺي تعليم جي ڪري، صنعتي ڄارن جي ڪري، معاشي سڌارن جي ڪري پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجو نسل محفوظ ڪندو، ان ڪري ته معاشي اصولن موجب هڪ ماڻهو جو روزگار سڄي خاندان جي ڪفالت آهي، ان ڪري جيستائين معاشي سڌارا نه ايندا تيستائين ننڍا صوبا ان احساس محروميءَ مان نه نڪرندا، تيستائين اهي صوبا ملڪ جي امن جي لاءِ به خطرو بڻبا رهبا، ان ڪري ملڪ اهڙي محرومي جي ڪري لسانيت ۾ ورهائجي ويو آهي، ملڪ ۾ محروميءَ جو احسان وڌندو ٿو وڃي، قومن جي درجابندي وڌندي ٿي وڃي، نسلن جي ورڇ رڳو انهن جي صوبن، ٻولين ۽ لساني گروھ بندي تائين محدود ٿي وئي آهي، ان ڪري جيترو معاشي طرح پنجاب مستحڪم آهي، جيترو صنعتن ۾ پختو پنجاب آهي اوترو ڪو به صوبو ناهي ان ڪري جيترو خوشحال ۽ زرخيز پنجاب آهي اوترو ٻيو ڪو صوبو ناهي، ان ڪري مينيجمينٽ ۾ انهن جو حصو گھڻو آهي، انتظاميا انهن جي هٿ وس آهي، وڏين ڪرسين تي اهي ويٺا آهن، ملڪ جون واڳون انهن ماڻهن جي زور ۾ آهن، تعليم جو ريشو جتي بلوچستان ۾ 44 سيڪڙو به مشڪل سان آهي، اتي پنجاب 64 ۽ سنڌ 60 ۽ ڪي پي 54 سيڪڙو تعليم جي ريشي تي ۽ لائيف انڊيڪس ۾ بلوچستان ته رهڻ جي لائق ئي ناهي يا هيومن ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ سڀ کان سست ترين ترقي بلوچستان ۾ آهي.

هونءَ به جي ڏٺو وڃي ته هيل تائين بلوچستان ۾ ڪي ميگا پروجيڪٽ شروع ئي ناهن ٿيا، مثال نه ڪي موٽرويز، نه صنعتي ڄار، نه تعليمي لحاظ کان ڪي پبلڪ يونيورسٽيون، ته ڪو بهترين اسپتالون، نه روڊ رستا نه گرين بس پروجيڪٽ، نه ريلوي جا بهترين نظام، نه اورينج بس يا ڪا ٻي اهڙي تختي ئي هڻندا هجن يا ڪو اهڙو افتتاح ئي ڪندا هجن جنهن مان ائين لڳي ته هاڻي بلوچستان جي سار لهڻ وارو ڪير آهي، پر هنن کي جڏهن به پڳو ته هنن ملٽري آپريشن ضرور ڪرايا آهن پوءِ اهو ڀٽي صاحب جو دور هجي، پوءِ اهو مشرف جو درو هجي (يا زرداري جي سرڪار جي 2008 ۾ اچڻ سان پارٽي ليول تي معافي) پر هنن تلافي پوءِ به نه ڪئي معني انهن ماڻهن کي اسلام آباد جي اقتدار ۾ به پاسيرو رکيون آيا، يا پي ٽي آءِ ته 2018 ۾ پنهنجي عاشقي معشوقي واري سياست ۾ اسٽبلشمينٽ جي محبوبيت ۾ رات پيٽ ۾ نون ليگ جا ميمبر ڦيرائي “باپ“ پارٽي ٺاهي پي ٽي آءِ جو ڳَهو چاڙهي ويا پر بلوچن کي ڪجهه مليو ڪو نه، ساڳي ڳالهه ٻين سان به لاڳو آهي پر شهباز جي همت کي شاباس جو اچڻ سان ٻين صوبن جي سار لڌائين ۽ اعلان ڪري انهن جي زخمن جي ملم پٽي ڪيائين.

پر اسلام آباد جي اهڙي رويي جي ڪري بلوچستان ۾ ٻه زبردست گروھ وڌي وڻ ٿي ويا آهن جن ۾ هڪ لساني گروھ جيڪو هاڻي ته سدائين هٿيار سڌا ڪيون بيٺو آهي جيڪي سدائين حقن جي گهر ٿا ڪن ته بلوچن جي صوبي مان سڀ لٽ ڦر ڪري ٿا وڃن ايستائين جو پي ٽي آءِ جي دور ۾ ته مڇيرن کي به جَهلَ هئي ته اهي مڇي نه مارن، ۽ ٻيا حق ته رهيا پاسي تي، ۽ هڪ ٻيو گروھ جيڪو مذهبي شدت پسندي وارو آهي جيڪو سدائين شيعا ۽ سني گروھ يا جهيڙن ۾ اڳتي آهي، مثال هيل تائين جيڪي به هزارا قبيلي سان ويڌنون ٿيون آهن انهن ۾ اترئين علائقن جا مذهبي گروھ سامهون آيا آهن يا سينٽرل بلوچستان جا مذهبي شدت پسند گروھ جيڪي اهڙيون انسان سوز حرڪتون ڪندا ٿا رهن جو دل دهلجي وڃي پر مجال آ جو حڪومت مان ڪو ماڻهو (وزير) انهن گروهن سان ڪا ڳالهه ڪري يا انهن سان ڪو ڊائلاگ ڪري يا انهن جا مسئلا ويهي ٻڌي، پر هر دفعي هي آرمي آپريشن جون ڌمڪيون ڏئي اهڙن مذهبي ۽ لساني گروهن کي چپ ڪرائي ٿا وڃن جيئن مشرف جي دور ۾ سردار اڪبر بگٽي تي حملا ڪيا ويا يا آپريشن ڪيا ويا.

گذريل 17 سالن کان اهي جهيڙا جھٽا يا باغي گروهن جون جھڙپون هلنديون ٿيون رهن پر هيل ته هنن بي ايل او وارن ٻين صوبن تي اٽيڪ به شروع ڪري ڏنا آهن (ظاهر آهي انهن کي به ڪي ٻاهريان هٿ هلائن ٿا) يا جڏهن شهباز بلوچستان جو دورو ڪري نڪتو ته تحفي ۾ ڌماڪا مليس، بغاوت جا دونها دکائي اهي گروھ وري ملڪي چين ۽ آرام ڦٽائڻ ۾ ڪَسر نه ڇڏيندا ان ڪري هاڻوڪي حڪومت جي ميچوئرٽي ان ۾ به آهي ته سڀ کان پهريان پُٺ تي پيل ننڍن صوبن جي سار لهن ۽ ترقياتي ڪمن کان وٺي، ڊائلاگ ۽ مفاهمت بلوچستان کان ئي شروع ڪن ان ڪري ته اڳيون وزيراعظم عمران خان ته رڳو ڪي پي جو وزيراعظم هيو يا اسلام آباد جو ميئر هيو جنهن جي رينج سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبن تائين نه هئي پر هاڻي شهباز ڪنهن به آمريڪي انٽريسٽ يا چيني روسي پاليسي يا سي پيڪ جي مسقبل کان آجو ٿي پهرين اهڙن صوبن جي پسماندگي ۽ احساس محرومي دور ڪري ته جيئن قومن ۾ اهڙو احساس پيدا ٿئي ته انهن جي حال پرسي ڪرڻ وارو ڪير آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.