13 مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ 

¨ 13 مئي 1846ع تي آمريڪا، ميڪسيڪو جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.

¨ 13 مئي 1881ع تي ڪراچي کان ڪوٽڙي تائين پھرين ريل گاڏي هلائي وئي.

¨ 13 مئي 1883ع تي سنڌ جو سياسي اڳواڻ ۽ سرهندي پيرن جو نامور فرد پير غلام مجدد سرهندي ولد ميان عبدالحليم سرهندي مٽياري ضلعي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو.

¨ 13 مئي 1911ع تي گلوڪار ڪالاچند ڪلياڻ جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 13 مئي 1921ع تي شاعر نواب بھاول خان لغاريءَ جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 13 مئي 1969ع تي ليکڪ ربنواز بڙدي جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 13 مئي 1970ع تي مذهبي عالمِ دين مولانا غلام رسول عباسي جو لاڏاڻو ٿيو.

¨ 13 مئي 1978ع مفتي مير رشد الله امروٽي جو جنم ڏينھن آهي.

¨ 13 مئي 1983ع تي پاڪستان جو مشھور ادڪار علاؤ الدين جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 13 مئي 1998ع تي ڀارت 2 جوهري تجربا ڪيا، جنھن کانپوءِ آمريڪا ۽ جاپان ڀارت تي معاشي پابندي لڳائي ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.