سنڌي وڪيلن جو درست ۽ وقتائتو احتجاج

رپورٽن موجب سنڌ جي وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪشمير سميت ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ وڪيلن کي جج طور مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته، عدليه ۾ مقررين جي حوالي سان سنڌ سان تعلق رکندڙ ججن کي نظرانداز ڪرڻ وڏي ناانصافي آهي. اهڙي فيصلي تي فوري طور نظرثاني ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سنڌ جا وڪيل روڊن تي نڪري ايندا ۽ ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڪيلن چيو ته، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي مقرري لاءِ ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ چئن وڪيلن جا نالا فائنل لسٽ ڪري منظوري لاءِ جوڊيشل ڪائونسل آف پاڪستان کي سفارش ڪري اماڻيا ويا آهن. سندن خيال آهي ته اهڙي فيصلي بابت سنڌ بار ڪائونسل ۾ هاءِ ڪورٽ بار کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ نه ئي مقررين جي حوالي سان ڪا مشاورت ڪئي وئي آهي. وڏي عرصي کان هڪ منصوبي تحت سنڌ جي ججن ۽ وڪيلن کي اعليٰ عدليه ۾ اهم عهدن تي مقرر نه ڪري نظرانداز ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پاڪستان ۾ عدليه جي تاريخ ۾ سنڌ جا اهڙا جج به رهيا آهن جن تاريخي ۽ شاندار فيصلا ڏنا آهن ان باوجود ملڪ ۾ ججن جي مقرريءَ جي حوالي سان سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي ٿيندي پئي اچي. جڏهن ته ٻين صوبن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اهڙو ڪو به مثال نٿو ملي جتي ٻين صوبن جي ماڻهن کي جج طور مقرر ڪيو ويو هجي. جيڪڏهن ٻين صوبن ۾ سنڌ جي ججن جي مقرري لاءِ به اهڙي ڪوٽا رکي وڃي ته اسان ڪو به اعتراض ۽ احتجاج نه ڪنداسين.

هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن سنڌين جي ڪوٽا تي ڪشمير ۽ پنجاب مان ججن جا نالا تجويز ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته، پاڪستان جي هر اداري ۾ سنڌين کي بي دخل ڪيو ويو آهي. گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان وٺي عدليه ۾ ججن جي مقرريءَ ۾ سنڌ جي ڪوٽا تي غير سنڌين کي مقرر ڪري سنڌ جو قانوني ۽ آئيني حق ڦٻايو ويو آهي.

سنڌ ۽ سنڌي قوم سان زيادتين جي هڪ انتهائي ڊگهي ۽ تلخ تاريخ رهي آهي ۽ ٻئي پاسي سنڌي قوم جي باشعور ماڻهن هر دور ۾ انهن زيادتين خلاف مزاحمت به ڪئي آهي ته جدوجهد به ڪئي آهي ۽ اهو سلسلو اڄ تائين هلندڙ آهي يعني زيادتيون به ٿينديون رهيون آهن، ٻئي پاسي مزاحمت به ٿيندي رهي آهي ۽ جدوجهد به هلندي رهي آهي.

سنڌ ۽ سنڌي قوم سان اهي زيادتيون هر شعبي ۾ ٿينديون رهيون آهن.

يعني هر شعبي ۾ سندن حق ڦٻايا ويا آهن ۽ سندن هر قسم جو استحصال ڪيو ويو آهي. عدالتي تاريخ ۾ به سنڌين سان ورهاڱي کانپوءِ هر دور ۾ زيادتيون ٿينديون رهيون آهن. هاڻي به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي ججن کي مقرر ڪرڻ لاءِ نالا فائنل ڪيا ويا آهن جنهن سبب سنڌ جا وڪيل سراپا احتجاج ٿي ويا آهن ۽ اهي تحريڪ هلائڻ جو چتاءُ ڏئي رهيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي ججن کي مقرر ڪرڻ واري فيصلي مان ڇا اهو تاثر نٿو ملي ته ڄڻ سنڌ ۾ قابل سنڌي وڪيل ۽ قانوندان اڻلڀ آهن ۽ مجبورن ٻين صوبن مان ججن کڻڻ تي عدالتون مجبور آهن؟

اهڙي تاٿر ڏيڻ جو مقصد سنڌين سان تعصب هوندو آهي جڏهن ته ان حوالي سان هر جواب تاريخ ۾ موجود آهي. ايستائين جو عدالتي تاريخ به ناميارن سنڌي ججن ۽ وڪيلن سان ڀري پئي آهي پر پنهنجي ملڪ ۾ سندن صلاحيتن کي بيدرديءَ سان نظرانداز ڪرڻ جي ڊگهي روايت رهي آهي، جنهن جي اسان شديد مذمت ڪيون ٿا ۽ ان ڏس ۾ موجوده وڪيل برداريءَ جي احتجاج ۽ تحريڪ جي چتاءُ کي درست رُخ ۾ کنيل قدم سمجهندي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ووٽن سان اقتدار ۾ آيل پ پ حڪومت ۽ ٻين سياسي جماعتن کي وينتي ڪنداسين ته اهي به سنڌي ججن جي حمايت ۾ اڳتي اچن ۽ ان تعصب تي ٻڌل روايت کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خاص ڪري سنڌ حڪومت ۽ عدالتي ادارن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو حقيقي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

اسان سمجهون ٿا ته هن ڪيس ۾ سنڌ حڪومت کي احتجاج جو سڏ ڏيندڙ ۽ تحريڪ جو چتاءُ ڏيندڙ سنڌي وڪيلن سان ملڻ گهرجي ۽ سندن اعتراضن جي روشنيءَ ۾ سندن مسئلو حل ڪرڻ گهرجي. ڪنهن به حڪومت جو ۽ اُها جيڪڏهن جمهوريت جي دعويدار به هجي ته، ان کي خاص ڪري جمهوري روح پٽاندڙ هر ان ڌر سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن جيڪا روڊن تي هجي، جيڪا سراپا احتجاج هجي.

اهڙي عمل کي ئي جمهوريت چئبو آهي ته وقت جي حڪومت مسئلا ۽ شڪايتون اٿاريندڙ احتجاجي ڌرين سان ڳالهيون ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به گهرجي ته ججن جي انهن مقررين جي حوالي سان سنڌ بار ڪائونسل جون شڪايتون ٻڌي. سنڌ حڪومت کي ته اصولي طور تي سنڌ جي قوم پرست جماعتن سان به ان معاملي تي ڳالهائڻ گهرجي.

اسان کي سنڌي قوم، سنڌي وڪيلن ۽ ججن جي صلاحيتن تي وڏو ناز رهيو آهي. اسان کي سندن صلاحيتن تي ڪنهن به ريت ڪو شڪ شبهو ناهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ کي يتيم خانو سمجهي هڪ طاقت سان هر دور ۾ استحصال ٿيندو رهيو آهي جنهن جو نتيجو ظاهر آهي ته خوفناڪ ئي ٿيڻو آهي ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال اوڏانهن ئي وڃي رهي آهي. ننڍن صوبن جون دانهون ۽ تحريڪون ان تاريخي استحصال جو نتيجو آهن. برداشت جي به ظاهر آهي ته هڪ حد ٿيندي آهي ۽ صبر جو پيالو جڏهن لبريز ٿيندو  آهي ته پوءِ لاتعلقي جنم وٺندي آهي. رياست جو بنيادي ۽ اخلاقي فرض اهو هوندو آهي ته اها سڀني ايڪن کي هڪ ئي نظر ۽ احترام سان ڏسي ۽ سندن بنيادي حقن جو خيال ڪري.

جديد دور ۾ سنڌ اندر وڪيلن جو تمام وڏو تعداد موجود آهي جيڪو ڊگريون کنيون عدالتن ۾ وڃڻ ۽ پنهنجون پيشوراڻيون صلاحيتون ۽ خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ تيار ويٺا آهن، اڃان به چئجي ته قطار ۾ بيٺو آهي. اهڙي ماحول ۾ اوهان ٻاهرين صوبن جا جج سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مقرر ڪري ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيو، اهو رويو خود رياست ۽ ملڪ لاءِ سٺو ناهي، اسان ان رويي کي ملڪ ۾ تعصب کي وڌائڻ جي انتهائي خوفناڪ حرڪت ٿا سمجهون تنهن ڪري تعصب جي عينڪ لاهي سنڌ جي ڪوٽا تي سنڌين کي مقرر ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.