سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملڻ گهرجي

تحرير: اي اي عباسي

سنڌ کي هميشه قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي پيش ڪرڻ لاءِ ارسا پنهنجي روايتي بي رحميءَ جو مظاهرو ڪري سنڌ سان ويساهه گهاتي ڪئي ويندي آهي، وفاق کي هميشه پنهنجي ساڳئي ٻي ۽ مين ئي ٿوڻيءَ واري رٽ لڳائڻ يعني سنڌ جي ڌڻي سائينءَ نه هجڻ جو احساس ڏياري رهيو آهي، سنڌ جي نمائندن کي پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي ماءُ سان نيهن نڀائڻ لاءِ هر سطح تي عملي طرح ميدان ملهائڻ گهرجي، نه صرف بيانن تائين محدود رهي ريهرسل ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ جا درياءَ ڪئنال روئي رهيا آهن، سنڌ سڪي تڙپي رهيو آهي، اهو سنڌ جو درياءَ بادشاهه روئي رڙي نه رهيو آهي پر خود پنهنجي سنڌ وڏا وڏا سڏڪا ڀري آهون ۽ دانهون ڪري رهي آهي، عقل جي انڌن کي ڪير سمجهائي نٿو ڇا ؟، ته سنڌ درياءَ جو وهندڙ پاڻي جيڪو پنهنجي سنڌ جي سينڌ سنواري خوشحالي ترقي جو سبب بڻجي ٿو اهو ڪنهن صوبي يا ڪنهن ملڪ جي طرفان نه پر خود الله پاڪ جي طرفان قدرتي نعمت عظمت طور مليل آهي، صدين کان وٺي سنڌو درياءَ بادشاهه جون وهندڙ موجون، سنڌو جي للڪار، سنڌو جا گجگوڙ هيءُ آزاد ڪشمير جي پهاڙن جبلن مان ٿيندا، خيبرپختونخوا مان ٿيندي پنجاب جي رستي سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا، قدرت جو پهريون اصول آهي ته وهندڙ پاڻيءَ جو جتي دنگ ڪري انهيءَ جي روڪ ٿام ڪرڻ قانوني، آئيني ۽ اخلاقي ڏوهه آهي، سنڌو جون جوڀن جوانيءَ جون ڪهاڻيون صدين کان مشهور آهن ته سنڌو پنهنجي وهندڙ پاڻيءَ سان نه صرف سنڌ جون زمينون زر خيز، شاداب ۽ آباد ٿو ڪري پر سنڌو درياءَ بادشاهه پوري ملڪ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو ڪارڻ بڻجي ٿو، جيڪڏهن سنڌو جي رستا روڪ ڪئي وئي ۽ بار بار سنڌ جو پاڻي بند ڪري هروڀرو جون چالاڪيون ۽ نام نهاد هوشياريون ڪندي سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ کي نئين ڪربلا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پوءِ سنڌ جا صرف 7 ڪروڙ سنڌي ئي نه پر پوري ملڪ جو نظام سسٽم ۽ ڪاروهنوار سخت متاثر ٿيندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ اهو واحد ملڪ جو صوبو آهي جيڪو سڄي ملڪ جي ماءُ جيجل جي حيثيت رکي ٿو ۽ پوري ملڪ کي پالي نپائي وڏو ڪري ٿو، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جي مٿان ڄوريون مسلط آهن ۽ سنڌ جي وارثي جو احساس نه هجڻ برابر آهي، سنڌ جو وجود رڙيون، واويلا، ڪوڪون ۽ هاءِ گهوڙا ڪري رهيو آهي هر ڳوٺ، شهر، وستي واهڻ نگر نگر ۾ آبادگار، زميندار، زراعت سان لاڳاپيل ماڻهو توڙي عام ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن پر احساس بنا سنڌ جو ڪاروهنوار جاري و ساري آهي، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ لاءِ هر ڀيري ارسا جي خط لکڻ لاءِ ٻڌندا آهيون ۽ موٽ ۾ ارسا جون اڻوڻندڙ ۽ نامناسب ڳالهيون پلئه پوڻ سنڌ جو مقدر بڻجي وڃي ٿو، افسوس انهن پنهنجن چڱن مڙسن ۽ نام نهاد ڀوتارن تي ٿئي ٿو جيڪي چون ٿا ته سنڌ کي پاڻي جي کوٽ قدرت طرفان آهي تنهن ڪري هاڻي آباد گار، زميندار۽ زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو بجلي جي کوٽ وانگر سولر سسٽم جهڙو متبادل ڪري زمينن کي پاڻي ڏين، ڇاڪاڻ ته اڄ نه ته سڀاڻي نيٺ پاڻيءَ جو شديد بحران اچڻو آهي ۽ انهيءَ لاءِ اسان جي ملڪ وٽ سئو سالا رٿابندي هجڻ بجاءِ سدائين ملڪ خساري ۾ رهي ٿو.

هتي هر نئين ايندڙ حڪومت گذريل اڳوڻي حڪمرانن مٿان سڀ بڇڙاين، خرابين ملڪ جي تباهي بربادي جا الزام لڳائي پنهنجي جان ڇڏائيندا آهن ۽ اهڙي طرح اهي پاڻ کي سرخرو سمجهندا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ جيئن اڳ ۾ واقعي مهانگائي چوٽ چڙهيل هئي ته پوءِ هاڻي ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ وري ڪهڙي ڀلائي چڱائي عوام سان ٿي آهي، 11 مئي 2022ع جي اخبارن ۾ ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته سي اين جي اگهن ۾ 6 رپيا 89 پئسن تائين جي واڌ ، بجليءَ جي في يونٽ 57 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري، گيس جي قيمتن ۾ واڌ، مرغيءَ جي قيمت 6 سئو رپيا ڪلو ڪئي وئي، تيل اڍائي سون وارو پنج سئو رپيا ڪيو ويو، سون جيڪو اڳ ۾ پنجاهه 55 هزار رپيا هيو اهو هاڻي هڪ لک کان وڌيڪ ٿي ويو ۽ جيڪو عمرو شريف اڳ ۾ هڪ لک هيو اهو هاڻي اڍائي لک ٿي ويو ۽ حج جي پهريان پي ٽي آءِ وارن سرڪاري سطح تي رقم اڍائي مان انهن وري 4 لک ڪيو هيو ته هنن نواز ليگ وارن جي حڪومت وري هاڻي سرڪاري سطح تي حج ڪندڙن کي 8 لک جمع ڪرائڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي معنيٰ ته هن موجودهه نواز ليگ حڪومت به مهانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ بجاءِ پراڻي مدي خارج روايتن جي پاسداري ڪرڻ لڳي آهي، جڏهن نواز ليگ حڪومت ۽ اپوزيشن جون ٻيون پارٽيون جماعتون اڳ مهانگائيءَ خلاف احتجاج ڪندي واويلا ڪندا هئا ته هاڻي اهو ڇاڪاڻ خاموش بڻيل آهن؟، آءِ ايم ايف ، ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين بئنڪ ڪنهن جي اشاري تي هلندڙ غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪرڻ ڄاڻين ٿا ته پوءِ هروڀرو سياست ڪري ٻئي حڪومت مٿان سياست ڪرڻ بجاءِ خاموش رهن ته بهتر آهي، اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ ته پر هن وقت سنڌ جي پاڻي جي ڳالهه سنڌ جي لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.

سنڌ هن وقت انتهائي ڏکين حالتن مان گذري رهي آهي سنڌ تي هر دور ۾ وار ڪيا ويا آهن، سنڌ جي پاڻي مٿان لامارا لڳايا ويا آهن، سنڌ کي ته سالن کان سڪائڻ جون ناپاڪ سازشون مافيائون ڪندا رهيا آهن. سنڌو مٿان ڊيم اڏائڻ لاءِ اعليٰ سطح تي نت نون نالن سان مختلف دورن ۾ نمودار ٿيندا رهيا آهن جهڙوڪ اڳوڻو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس ثاقب نثار ڊيم ٺاهڻ لاءِ وڏي پيماني تي چندا مهم شروع ڪئي جنهن دوران انهيءَ کي ڪروڙين  نه پر اربين رپيا چندي ۾ مليا، هو ڊيم ٺاهڻ لاءِ ورتل چندي جا اربين رپيا الائي ڪيڏا کڻي ويو، ڪنهن جواب وٺڻ جي ڳالهه ڪئي ته انهي کي جواب ڏيڻ بجاءِ خاموش ڪرايو ويو ته مان جواب نٿو ڏيئي سگهان، هن ئي سنڌو درياءَ مٿان ڊيم ٺاهڻ لاءِ اڳوڻي صدر پرويز مشرف سمورا ڪرتب استعمال ڪيا پر اهو به ناڪام ويو ۽ هو ناڪام ڇو نه وڃي ها، انهيءَ بضد بڻجي سنڌ جو ساهه سڪائڻ جي ڳالهه ڪري ويتر سنڌ جي ماڻهن ۾ پنهنجي لاءِ نفرت جي ڳالهه کي وڌايو، ياد ڪرڻ گهرجي ته وڏيرو، ڀوتار، رئيس، نواب، خان، چوڌري اهي سڀ اهڙا هٿ ٺوڪيا ۽ جڙتو مصنوعي نالا آهن جيڪي عوامي خدمت ڪرڻ بجاءِ نام نهاد سوچ جي هميشه عڪاسي ڪندا رهيا آهن. سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ جيڪڏهن آواز نه اٿاريو ويو ته پوءِ هڪ عوامي ڪوڪ للڪار ۽ پڙاڏو جيڪو اٿندو اهو لاڳو ڪيل ٻٽي نظام ، ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي مالڪي سميت سمورن معاملن لاءِ هڪ فولادي ديوار جي حيثيت رکندو انهيءَ کان اڳ جو اهڙي حالت سامهون اچڻ لڳي.

سنڌ جي پاڻيءَ جي مامري لاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن، ساڃاهه وند، شعوري حلقن کي سنجيده بڻجي لائحه عمل جوڙڻ گهرجي ۽ سنڌ سڪائڻ جي سازش کي سوشل ميڊيا تي هر سنڌ دوست باشعور ماڻهو ننگو ڪري نروار ڪيو وڃي ته سنڌ سان ٻه اکيائي ڪرڻ بند ڪريو، سنڌ سان ماٽيلي وارو ماءُ وارو ورتاءُ ڪرڻ بند ڪريو، سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏنو وڃي. ڪنهن عاشق سنڌ شاعر خوب چيو آهي ته “ پاڻي ڪونهي پٽ سڪي ويا، ڪڙيا ڪيٽيون ڪٽ سڪي ويا، دلا گهڙا مٽ سڪي ويا، ڍنڍون ڍورا ڊٽ سڪي ويا، سنڌ سڪي وئي ساري ڙي، باهه اٿي نه ڪنهن ٻاري ڙي ، لاڻان لئيون لاهه سڪي ويا، واٽر ويريون واهه سڪي ويا، سنڌين جا ڄڻ ساهه سڪي ويا، قيامت ٿي وئي ڪاري ڙي، سنڌ سڪي وئي ساري ڙي ..!!.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.