جيڪڏهن عمران خان حڪومت ڪيرائڻ ۾ ناڪام ٿيو ته پوءِ…؟

تحرير: سڪندر چنو

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جنهن کي موجوده اقتداري پارٽيون سليڪٽيڊ جا طعنا ڏينديون هيون. ان موجوده وزيراعظم شهباز شريف ۽ زرداري حڪومت کي وري امپورٽيڊ جو لقب ڏيڻ شروع ڪيو آهي. سليڪٽيڊ جو اڻ سڌي طرح اسٽبلشمينٽ کي سڏيو ويندو هيو ۽ هاڻي امپورٽيڊ جو لقب سنئون سڌو آمريڪا پاران ڏنل حڪومت کي چيو وڃي ٿو. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان موجوده شهباز شريف حڪومت خلاف يا حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ شروع ٿيندڙ مئي مهيني ۾ عوامي رابطا مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. ۽ عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ تاريخي جلسا ڪيا آهن.

بظاهر پاڪستان تحريڪ انصاف کي بهتر عوامي موٽ ملي رهي آهي. پر ان ۾ عاشقن ۽ غير شادي شدهه جو به خاصو تعداد ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪجهه دوستن ٻڌايو ته عمران خان اقتدار کان اڳ جڏهن ان وقت جي نواز شريف حڪومت خلاف مهم يعني ڪنٽينر مهم ۾ ڌرڻا شروع ڪيا هئا ته ڪافي دوستن ڌرڻن جو سهارو وٺي اتان هڪ هڪ شادي يا ٻه ٻه شاديون به ڪري ويا هئا. بحرالحال اهي دوست عمران خان جو احسان سمجهن ٿا. هاڻي به باقي دوست اهيو خيال دل ۾ سانڍي عمران خان جي لانگ مارچ جيڪا اسلام آباد طرف ٿيندي جي انتظار ۾ ۽ اوسيئڙي ۾ ويٺل نظر اچن ٿا. بحرالحال اهيو ڪو ڏوهه به ناهي. جائز ۽ شرعي طور هڪ بهتر قدم آهي.

بحرالحال شروع ٿيندڙ مئي مهينو ڏاڍو گرم آهي. ۽ مئي جي آخر ۾ عمران خان اسلام آباد طرف لانگ مارچ جو سڏ ڏنو آهي. عمران خان جي مقابلي لاءِ مريم نواز ميدان ۾ لٿل آهي. مريم نواز عوام کي عمران خان حڪومت خلاف اڇو چٺو ڏيکاري رهي آهي. ۽ عوام کي ٻڌائي ٿي ته عمران خان پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪرپشن جا سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ملڪ ۾ نه ڪو نئون هوائي اڏو ٺهيو. نه موٽروي روڊ ٺهيو. نه سي پيڪ تي ڪو ترقياتي ڪم شروع ٿيو. نه ڪو بند پيل بجلي گهر هليو. جنهن سان بجلي پيداوار ۾ اضافو ٿئي ويتر 21 بجلي ٺاهيندڙ ڪارخانا بند ڪيا ويا. جنهن سبب ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ٿيو. هن وقت بجلي لوڊشيڊنگ سبب ملڪ ۾ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهيون آهن. صرف ۽ صرف عمران خان پنهنجي حمايت ۾ گيت ٻڌڻ ۾ پورو هيو. کيس سندس جي ٽيم ئي ٻوڙي ڇڏيو. عمران خان جڏهن اقتدار ۾ هيو ته اسٽبلشمينٽ بهتر هئي ۽ هاڻي جڏهن سندس اقتدار ختم ٿيو ته اسٽبشلمينٽ بهتر نه آهي. عمران خان هلندڙ مئي جي آخر ۾ اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻو گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اسلام آباد مارچ هڪ خوني انقلاب هوندو. ۽ گهرو ويڙهه ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن واقعي ائين ٿئي ٿو ته آمريڪا جا ناپاڪ ارادا ڪامياب ٿي ويندا آمريڪا پڻ چاهي ٿو ته پاڪستان ۾ خانه جنگي شروع ٿئي، جنهن جا آثار نمايان نظر اچن ٿا. اهيو به ممڪن آهي ته عمران خان اسلام آباد طرف مارچ آگسٽ ۾ ڪري. پر سوال اهيو آهي ته ڇا هو اسلام آباد طرف مارچ ڪري سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته مئي جون ۽ جولاءِ کان ويندي آگسٽ ۾ سخت گرم موسم هوندي آهي ۽ ٻوسٽ واري موسم هوندي آهي ان ۾ عوام جو پهچڻ به مشڪل هوندو آهي.

فوج جي تعلقات عامه جي ترجمان يعني ڊي جي آئي ايس پي آر هڪ ڀيرو ٻيهر ڪالم نگارن صحافين ۽ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن کي خبردار ڪيو آهي ته فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي. فوج جو ملڪي سياست سان ڪوبه واسطو وڙو نه آهي. ۽ فوج جي ترجمان جو موجوده بيان انتهائي سختي وارو آهي. جيڪڏهن اڃان به فوج خلاف ميڊ پائي مهم جاري رهي ته فوج سخت قدم کڻي سگهي ٿي.

مئي کان وٺي آگسٽ تائين عمران خان جي اسلام آباد ڏانهن مارچ خودڪشي برابر هوندو. گرمين جي موسم ۾ عمران خان جي لانگ مارچ ۾ سنڌ مان شموليت تمام گهٽ ٿيندي. پي ٽي آئي وٽ اهڙا ڪارڪن تمام ٿوري مقدار ۾ هوندا جيڪي گرميءَ سان ويڙهاند ڪري اسلام آباد تائين پنهنجي پهچ کي ممڪن بڻائين هڪ سوال اهيو به آهي ته عوام کي مهنگائي جي ڌٻڻ  ۾ ڦاسائيندڙ عمران خان لاءِ ماڻهو گرميءَ ۾ سندس جو ساٿ ڏيندا؟ عمران خان وٽ مزاحمتي ڪارڪن ڪيتري تعداد ۾ آهن؟ جيڪو هڪ ماڻهو جي ذهنن تي نقش ڇڏيندڙ سوال آهي. هن وقت عمران خان وٽ اهڙا ڪارڪن موجود ضرور آهن جيڪي گهرن ۾ ويهي سوشل ميڊيا وسيلي پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ مهم ته هلائي سگهن ٿا پر روڊن تي اچڻ وارا تمام ٿوري مقدار ۾ موجود آهن. في الحال ته موجوده حڪومت ماڻهن کي عمران خان جي جلسن ۾ وڃڻ کان روڪڻ کان قاصر آهي. پر جڏهن روڪڻ واري مهم شروع ٿي ته پوءِ ڏسبو ته ڪيترا ماڻهو جلسن ۾ پهچن ٿا. جڏهن ته  اڳواڻن جون لسٽون تيار ٿي پوليس وٽ پهتيون. گرفتاريون ٿيون. گهرن تي ڇاپا لڳڻ شروع ٿيا. ڇاڪاڻ ته عمران خان به پنهنجي اقتدار ۾ مخالفن لاءِ اهڙو ئي رڻ ٻاريو هيو. پوءِ اهو نيب وسيلي هجي يا ايف آئي اي وسيلي. گرفتارين کان پوءِ ضمانتون ڪرائڻ لاءِ وڏا قانوني مونجهارا پيدا ٿين ٿا. ان کان بچڻ لاءِ ماڻهو گهٽ تعداد ۾ عمران خان جي جلسن ۾ وڃي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته فيصلا ڪندڙ هاڻي نيوٽرل آهن.

هاڻي ته عام ماڻهوءَ جي ذهن ۾ اهيو سوال آهي ته ڪامياب مارچ ۽ ڪامياب جلسي جي ڪا ضمانت آهي؟ عمران خان چاهي ٿو ته جيترو جلد ٿي سگهي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. جيڪڏهن دير ٿي ته پوءِ سندس هٿن مان راند نڪري ويندي. ماڻهو آهسته آهسته نا اميدي طرف وڌي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته عمران خان وٽ صرف هڪ الزام آهي ته آمريڪا سندس حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو. عوام آمريڪا مان ڇا ڄاڻي. عوام کي سستو اٽو، سستو گيهه، ۽ سستو لٽو ۽ سستيون دوائون گهرجن. جنهن ۾ عمران خان مڪمل طور ناڪام ويو. بحرالحال عمران خان جي لانگ مارچ ڪامياب به ٿي وڃي پر سندس کي اڳ واري پوزيشن نه ملندي. ڇاڪاڻ ته اسٽبلشمينٽ جو سندس سان ساٿ هيو هاڻي ناهي. ۽ ايندڙ اليڪشن ۾ عمران خان کي ڪا تعجب ڏيندڙ ڪاميابي به نه ملي سگهي. جيڪا هڪ حقيقت آهي. ايندڙ وقت ۾ سڀ ڪجهه عيان هوندو. عمران خان ملڪ جي وڏن شهرن کي جام ڪرڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.