شوگر جي مريضن لاءِ ڪورونا ڪيترو خطرناڪ آ؟ ڇرڪائيندڙ تحقيق سامهون اچي وئي

 

شوگر جو مريض جيڪڏهن ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي وڃي ته ان جي موت جو خطرو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ تقريبن ٻيڻ تي هوندو آهي.

برطانيا جي ابرڊين يونيورسٽي جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته شوگر جا مريض جيڪڏهن ڪورونا وائرس سان متاثر ٿي وڃن ته انهن ۾ بيماري جي شدت سنگين هجڻ جو خطرو ٽيڻ تي هوندو آهي پر بلڊ شوگر جي سطح کي ڪنٽرول ۾ رکڻ سان اهو خطرو گھٽ ٿي ويندو آهي.

اهي نتيجا 2 لک 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن تي ٿيندڙ 158تحقيقي رپورٽس جي گڏيل تجزئي کانپوءِ سامهون آيا.

هن نئين تحقيق جو مقصد اهو پتڳ لڳائڻ هو ته ڪووڊ 19 سان شوگر جي مريضن تي ڪهڙا اثر ٿون ٿا.

ماهرن ٻڌايو ته اسان دريافت ڪيو ته ڪووڊ 19 سان متاثر ٿيندڙ شوگر جي مريض جي موت جو خطرو شوگر کان محفوظ فرد جي ڀيٽ ۾ گھڻي حد تائين وڌيڪ هوندو آهي.

هنن چيو ته ڊيٽا سان اشارو ملي ٿو ته شوگر جي مريضن لاءِ آڪسيجن سپورٽ ۽ آءِ سي يو ۾ داخل ٿيڻ جو خطرو ٻين مريضن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي.

تحقيق ۾ اهو به دريافت ڪيو ويو ته چين، ڪوريا ۽ وچ اوڀر ۾ شوگر جا مريض جيڪڏهن ڪووڊ سان متاثر ٿين ٿا ته انهن جي موت جو خطرو آمريڪا يا يورپي يونين جي ملڪن جي شهرين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي ٿو، جنهن جو سبب اولهه ملڪن ۾ طبي سهولتون بهتر هجڻ آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اسان اوڀر ۽ اولهه جي دنيا ۾ ڪووڊ جي اثرن ۾ فرق کي دريافت ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.