قومي ڊيوٽي، شاهين جو ڪائونٽي ڇڏي ڏيهه وَرڻ جو فيصلو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪائونٽي چيمپئين شپ ۾ مڊل سيڪس جي نمائندگي ڪندڙ پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ فوري وطن واپسي جو فيصلو ڪيو آهي.

کاٻي هٿ سان بالنگ ڪرائندڙ شاهين آفريدي لنڊن کان هڪ ڏينهن ۾ وطن واپس پهچي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ هو ڪجهه ڏينهن گھر وارن سان گذارڻ بعد ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ لڳائي ويندڙ تربيتي ڪئمپ ۾ حصو وٺندو.

مڊل سيڪس ڪائونٽي شاهين آفريدي جي قومي ڊيوٽي لاءِ وطن واپسي جي فيصلي جو احترام ڪندي ڪائونٽي لاءِ ان جي خدمتن کي ساراهيو آهي، گڏوگڏ ٽيم انتظاميا ان يقين جو به اظهار ڪيو ته شاهين جون ۾ ٻيهر ميچز لاءِ دستياب هوندو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽي ون ڊي ميچز جي سيريز 8، 10 ۽ 12 جون تي راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.