صبا قمر مداحن کي جلد شادي ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا صبا قمر مداحن کي جلد شادي ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.

پاڪستاني فلم ”گھبرانا نهين هي“ جي هيروئن ”زبيدا“ صبا قمر شادي جي موضوع تي شرمائڻ ۽ منهن لڪائڻ لڳي وئي.

فلم جي پروموشن تي موجود صبا قمر انڪشاف ڪيو ته هن کي هاڻي کاڌو ٺاهڻ، خاص ڪري پٽاٽا قيمو ٺاهڻ سکڻو آهي.

صبا قمر جي وائرل ان وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته مشهور ميزبان ندا ياسر، صبا قمر کي ڇيڙيندي سوال ڪري رهي آهي ته توکي ڪنهن لاءِ پٽاٽا قيمو ٺاهڻ سکڻو آهي؟

ان سوال تي صبا قمر جي چهري تي شرميلي مسڪرائڻ کي واضح ڏسي سگھجي ٿو. صبا قمر ان سوال تي چئي رهي آهي ته ٻڌائينديس سڀ ڪجهه ٻڌائينديس، گھڻو جلد انشاءَ الله، ان دوران صبا قمر شرمائي پنهنجي منهن تان رئو پري ڪري رهي آهي ۽ چئي رهي آهي ته مون کي واقعي گھڻو شرم اچي رهيو آهي.

ٻئي پاسي ندا ياسر جو چوڻ آهي ته هن کي صبا قمر جي هٿن تي ميندي لڳندي ڏسڻ جو گھڻو انتظار آهي.

شادي جي تقريبن بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صبا قمر جو چوڻ هو ته هن کي گھڻيون تقريبون نه گھرجن، بس هڪ وليمي جي سٺي تقريب ٿيندي، هن کي گھڻا ماڻهو شادي تي پسند ناهن، بس پنهنجا ويجھا ماڻهو هجن ۽ شادي جي خبر وائرل ڪرائڻ لاءِ ميڊيا کي گھرائي وٺنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.