ٽنڊو جان محمد : پاڻي جي کوٽ ۽ ڊاريڪٽر نارا ڪئنال حملي خلاف شھرين ۽ آبادگارن جو احتجاج مظاهرو

ٽنڊو جان محمد ۾ پاڻي جي  کوٽ ۽ ڊاريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ تي پاڻي چورن جي حملي خلاف شھرين ۽ آبادگارن احتجاج  مظاهرو ڪيو ويو

مير اعجاز ٽالپر رئيس احسان جروار  قاضي دين محمد جي اڳواڻي ۾  ريلي شھر مان ٿيندي بس اسٽاپ تي پهتي  ان موقعي تي  اڳواڻن تقريرون  چيو ته    بااثر وڏيرا ننڍن آبادگارن جي حصي جو پاڻي ڏاڍ  ڪري هڙپ ڪري رهيا آهن  پوڇڙ ۾  پاڻي پيئڻ  لاءِ ب نٿو پهچي  عوام توڙي  جانور  پآڻي جي ڦڙي لاء تڙپي رهيا آھن ۽ منڍ جا آبادگار سئو تي سئو ايڪڙ زمينون آباد ڪري ويٺا آھن هنن وديڪ چوڻ ههو ته  پاڻي چوري بند ڪرائڻ لاء ڊاريڪٽر نارا ڪئنال منصور ميمڻ جنهن اچي غير قانوني واٽر ڪورس بند ڪيا رات جو ديرسان واٽرن تي ڇاپا هنيا ت پاڻي چور وڏيرن هن ۽ هن جي ٽيم تي حملو ڪري سڌي فائرنگ ڪئي هنن اعلا اختيارن کان مطالبو ڪيو آھي ت پاڻي چورن کي گرفتار ڪري قانوني ڪٽھڙي م آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ گورنمنٽ کان مطالبو ڪيو ت پاڻي جي کوٽ ختم ڪري پوڇڙ جي آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت م احتجاج جو دائرو ودايو ويندو…………………………………………………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.