ميهڙ : زراعت کاتي جي ٽِيم نقلي ڀاڻ ٺاھيندڙ ڪارخاني تي اوچتو ڇاپو نقلي ڀاڻ هٿ ڪري ورتو

ميهڙ ڀرسان ميهڙ فريدآباد روڊ تي دبئي ڪالوني ۾ زراعت کاتي پاران جي ٽِيم نقلي ڀاڻ ٺاھيندڙ ڪارخاني تي اوچتو ڇاپو نقلي ڀاڻ هٿ ڪري ورتو

ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن ذوالفقار جاگيراڻي ايڊيشنل ڊائريڪٽر زرعي توسيع دادو شاھنواز ڀنڊ، ڊپٽي ڊاريڪٽر ميھڙ لياقت سولنگي، ڊپٽي ڊاريڪٽر محمد امين پنھور، ايگريڪلچر آفيسر ميھڙ مشاھد احمد سومرو ۽ ايگريڪلچر آفيسر راڌڻ بشير احمد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  هڪ نقلي ڀاڻ ٺاھيندڙ ڪارخاني تي اوچتو ڇاپو نقلي ڀاڻ هٿ ڪري ورتو آھي زراعت کاتي پاران چڪاس بعد ڪارخانو سيل ڪيو ويو آهي زراعت کاتي جي ٽيم جي انچارج ذوالفقار جاگيراڻي ٻڌايو ته اسان کي ميهڙ ڀرسان ھڪ نقلي ڪارخاني جو اطلاع مليو جتي زنڪ سلفيڊ ٺاهي وڪرو ڪري رهيا هئا جيڪو جعلي هيو ڪارخاني مالڪ پوليس آپريٽر غلام عباس سيهڙ وڪرو ڪري رهيو هيو ڇاپي دوران مالڪ فرار ٿي ويو سمپل ورتا آھن وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون ھنن چيو ته ڪارخاني تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي معلومات نه ھئي ان ڪري انهن خلاف ڪاروائي ناهي ڪئي جعلي ڪارخاني کي سيل ڪيو ويو آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.