ميھڙ : 12 مئي واري واقعي ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي ججن کي مقرر ڪرڻ خلاف عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ

ميھڙ سنڌ بار ڪائونسل جي سڏ تي  12 مئي واري واقعي ۽ ھاء ڪورٽ ۾ غير قانوني ٻين صوبن جي ججن کي مقرر ڪرڻ  خلاف ميهڙ بار جي وڪيلن پاران احتجاج ڪري  ميهڙ ۾ سموري ڪورٽن ۾ عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو

ايڊوڪيٽ سعيد پنھور ،  امجد حسين ، انجيب مھيسر ، آعظم خاصخيلي ، وڪيل عابد حسين ڪلھوڙو، وڪيل وحيد لاشاري سميت ٻين وڪيلن پاران احتجاج ڪري  ميهڙ ۾ سموري ڪورٽن ۾ عدالتي ڪارواين جو بائڪاٽ ڪيو ويو جنهن سبب عدالتي ڪاروايون معطل رهيون ان موقعي تي هنن 12 مئي واري واقعي خلاف نعرببازي ڪئي ھنن چيو  ته 12 مئي جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏئي شھيد ٿيل ڪارڪنن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ھنن چيو ته سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي ججن جي مقرري روڪي سنڌي ججن کي مقرر ڪيو وڃي ھنن مطالبو ڪيو آھي ته 12 مئي واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.