خانپورمهر ۾ ماءُ جي علاج لاءِ آيل نوجوان کي پوليس کنڀي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو

خانپورمهر ۾ ماءُ جي علاج لاءِ آيل نوجوان کي  پوليس کنڀي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو،

ڳوٺ  قاضي واھ  واسي نوجوان پنهنجي امڙ جيلان ۽ ٻارڙن سميت علاج لاءِ خانپورمهر شهر جي هڪ نجي اسپتال پهتو ته خانپورمهر پوليس نوجوان کي اسپتال ٻاهران کنڀي گرفتار ڪري سندس موٽر سائيڪل به ٿاڻي تي کڻي ويا پوليس جي ظلمن خلاف گرفتار نوجوان جي امڙ جيلان پتافي پريس ڪلب خانپورمهر پهچي پوليس ظلمن خلاف دانهيندي چيو ته اسين علاج لاءِ اسپتال آيا آهيون پوليس منهنجي پٽ کي بنا جواز کنڀي ٿاڻي تي کڻي وئي آهي اسين غريب آهيون منهنجي پٽ مٿان ڪو به ڪيس ناهي غريب آهيون منهنجي پٽ کي آزاد ڪيو وڃي عورت جي  احتجاج بعد خانپورمهر پوليس گرفتار ڪيل نوجوان محمد امين پتافي کي آزاد ڪري ڇڏيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.