ڇا جو مڱڻو ڇا جي منڊي؟ سوناڪشي مداحن کي تنگ ڪندي رهي!

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها تازو انسٽاگرام تي ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون هيون، جنهن ۾ هوءَ منڊي پائي ڪنهن جو هٿ پڪڙي مسڪرائي رهي هئي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اداڪارا جي مڱڻي جون خبرون گردش هيٺ هيون.

هاڻي سوناڪشي سنها انڪشاف ڪيو آهي ته هن “SOEZ” جي نالي سان پنهنجو بيوٽي برانڊ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.

سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ سوناڪشي مداحن کي چيو ته منهنجي خيال ۾ توهان کي ايترو تنگ ڪرڻ گھڻو آهي، گھڻا اشارا ڏنا پر ڪو ڪوڙ ناهي ڳالهايو، هي منهنجي زندگي جو وڏو ڏينهن آهي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته آخرڪار منهنجو وڏو خواب پورو ٿيو ته مان اڄ باقاعدا طور تي ڪاروباري دنيا ۾ قدم رکيو آهي، جڏهن ته هي ٻڌائڻ لاءِ مان وڌيڪ انتظار نٿي ڪري سگھان.

سوناڪشي جي پوسٽ تي شوبز شخصيتن سميت مداحن جي وڏي انگ اداڪارا جي برانڊ متعارف ڪرائڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.