پاڪ فوج جو سربراهه اهل ۽ بي داغ هجڻ گهرجي: مريم نواز

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پاڪ فوج لاءِ به سٺو آهي ته ڪو اهل ۽ اهڙو ماڻهو فوج جو سربراهه بڻجي، جنهن تي ڪو داغ نه هجي ۽ پاڪ فوج کي ماڻهو سليوٽ ڪن.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته نيب وٽ منهنجي خلاف ڪو ثبوت ناهي، جيڪڏهن ثبوت هجي ها ته ڏهه مهينا گھڻو عرصو هوندو آهي پر ڪڏهن نيب کي ڪورونا ٿئي ٿي ته ڪڏهن وڪيل تبديل ٿين ٿا، اڄ به انهن جا وڪيل ناهن آيا، نيب وٽ ڪا ڄاڻ ناهي.

هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي خلاف ڪو ثبوت آهي ته مون کي سزا ڏيو، جيڪڏهن ثبوت ناهي ته عدليا کي درخواست آهي ته نيب جي ان زيادتي جو نوٽيس وٺي، ڪنهن کي اجازت نه ڏينديس ته ان طرح مريم بنام اسٽيٽ جا آواز لڳن، ثبوت ڏيڻ جي ڳالهه آئي ته نيب پاسو وٺي هليو ويو.

گذريل حڪومت تي تنقيد ڪندي ليگي اڳواڻ چيو ته جنهن وٽ چئن ورهين ۾ چار سيڪنڊ پنهنجي ڪارڪردگي تي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، جنهن جو دامن ڪارڪردگي کان خالي هجي، انهن 25 هزار اربن جي قرضن جو رڪارڊ ٺاهيو پر هڪ سر ناهي، تڏهن ته سازش ۽ خط جي ضرورت پوي ٿي.

سندس چوڻ هو ته جيتري وڏي سازش عمران جي صورت ۾ پاڪستان سان ٿي، ان جي عوام خلاف ٿي، ايترو ته ڪير پاڪستان سان نه پيو ڪري سگھي، اڄ ڊاڪٽر اسرار ۽ شهيد حڪيم سعيد جي ڳالهه ياد اچي رهي آهي ته عمران کي ملڪ کي خراب ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، مون کي اها ڳالهه اڄ سمجهه ۾ آئي.

مريم نواز چيو قوم ڄاڻي ٿي ته جنهن انسان پاڪستان جي عوام کان اٽو ۽ کنڊ کسي ورتي، معيشت کي آءِ سي يو ۾ پهچايو، دوست ملڪن کي دشمنن جي صف ۾ ڌڪي ڇڏيو، اهو خطرناڪ نه هوندو ته ڇا هوندو.

مريم نواز چيو ته چئن ورهين ۾ معيشت کي برباد ڪرڻ وارا ذميواري چئن هفتن جي حڪومت تي وجهي رهيا آهن، چئن ورهين ۾ ڊالر 105 کان 189 تائين پهتو، پهرين ان جو حساب ڏيو، توهان آئل ۽ ڊيزل جي قيمت کي روڪي رکيو، ڇو جو توهان کي نظر اچي رهيو هو ته توهان جي حڪومت وڃي رهي آهي، توهان ملڪ کي ڏيوالو ڪڍڻ جي ويجھو اچي بيهاريو، انهن کي پريس ڪانفرنس ڪندي شرم نٿو اچي.

ن ليگ نائب صدر چيو ته جڏهن ڪرڪيٽ جي ميدان مان ڪنهن رانديگر کي حڪومت ۾ پهچائينداسين ته هو اهو ئي ڪندو، چئن ورهين ۾پاڪستان کي چار سئو سال پوئتي ڪيو ويو، هاڻي اسان جي حڪومت ۽ اتحادين کي ڏسڻ گھرجي ته عمران خان جي ڏوهن جي ٽوڪري پنهنجي مٿي تي نه کڻن، انهن کي عوام وٽ وڃي جواب ڏيڻ ڏيو، انهن جي ڪارڪردگي ڇا آهي؟

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي فوج اسان لاءِ محترم ادارو آهي، سموري قوم پاڪستان جي استحڪام ۽ حفاظت لاءِ پاڪستان جي فوج کي ڏسندي آهي، پاڪستان جي فوج جو سربراهه هڪ اهڙو انسان هجڻ گھرجي، جنهن تي ڪنهن قسم جي تنقيد ۽ شڪ شبهو نه هجي، ان جي ريپوٽيشن بي عيب هجڻ گھرجي، اهو عوام، ملڪ ۽ پاڪ فوج لاءِ به سٺو آهي، پاڪ فوج لاءِ سٺو آهي ته ڪو اهل ۽ اهڙو شخص، جيڪو بي داغ هجي، اهو فوج جو سربراهه ٿئي جيئن پاڪ فوج کي ماڻهو سليوٽ ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.