پوليس کي مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله مسجد نبوي صه واقعي تي فواد چوڌري، قاسم سوري ۽ شهباز گل جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ فواد چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جي درخواستن کي گڏ ڪري ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران فواد چوڌري عدالت ۾ بيان ڏنو ته مان حاضر ٿي ويو آهيان، حيران آهيان ان ڪيس تي، مارشل لا به رهيو پر ڪنهن حڪومت توهين مذهب جي قانون کي ان طرح استعمال ناهي ڪيو، پرڏيهي وزير بابت مان نٿو چوان پر قانون واري وزير تي حيرت آهي.

فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان کي ڪو ڏڦيڙ ناهي ڪرائڻو، هڪٻئي جي لاشن تي چڙهي ته وزير ناهي ٿيڻو نه، اهڙو رواج شروع ڪيو آهي ته ان جا سنگين نتيجا آهن.

چيف جسٽس فواد چوڌري کان پڇاڻو ڪيو ته هي عدالت هن ڪيس ۾ ڪارروائي اڳتي هلائي؟ توهان کي هن تي اعتماد آهي؟ ان تي اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته عدالت تي اعتماد نه هوندو ته ڪنهن تي هوندو.

جسٽس اطهر من الله  ريمارڪس ڏنا ته سياسي قيادت ئي سوسائٽي ۾ تبديلي ۽ صبر آڻي سگھي ٿي، مذهب کي سياسي مقصد لاءِ استعمال ڪرڻ پاڻ توهين مذهب آهي، ان طرح 2018 ۾ به ٿيو ۽ پهريون به ٿيندو رهيو آهي، هي بنيادي حقن جي سنگين ڀڃڪڙين مان هڪ آهي.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته هڪ پرڏيهي کي سيالڪوٽ ۾ ماريو ويو ۽ مشال خان واقعو به سامهون آهي، هتي جيڪي به ڪيس داخل ٿي رهيا آهن، انهن جي درست خبر نٿي پوي.

عدالت مسجد نبوي صه واقعي تي ڪيسن خلاف قاسم سوري جي درخواست تي وفاق ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

ايف آءِ اي عدالت ۾ جواب جمع ڪرايو، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ته مسجد نبوي صه واقعي کي نظر ۾ رکندي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ ۽ سائبر ڪرائم ونگ ۾ ڪا ڪارروائي شروع ناهي ٿي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي جي جواب کانپوءِ چيو ته واقعي تي مقامي پوليس ڪارروائيون ڪيون آهن.

عدالت مسجد نبوي واقعي تي پوليس کي ڪيس داخل نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.