واٽس ايپ ۾ چيٽ فلٽرز جو اضافو

 

واٽس ايپ طرفان نوان ۽ دلچسپ فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن ته جيئن واهپيدارن کي ٻين سروسز جو رُخ نه ڪرڻو پئي.

ان سلسلي کي جاري رکندي هاڻ نئين فيچر کي جلد ميٽا جي ملڪيت هيٺ ميسيجنگ ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي، جيڪو واهپيدارن کي چيٽ آرگنائيز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.

ان فيچر کي فلٽر چيٽس جو نالو ڏنو ويو آهي، جيڪو ان کان اڳ واٽس ايپ بزنس استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي دستياب هو پر هاڻ ان کي سڀني لاِ متعارف ڪرائڻ تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

واٽس ايپ جي اپ ڊيٽس تي نظر رکندڙ سائيٽ wabetainfo  جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميسيجنگ ايپ ۾ فلٽر ميسيجز جي آپشن جي آزمائش جاري آهي.

ان فيچر سان وصول ٿيندڙ پيغامن کي مختلف فلٽرز ذريعي فيڊ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو.

جيئن ڪانٽيڪٽس، گروپس يا ڪنهن اهڙي ماڻهو جو ميسيج، جنهن جو نمبر توهان جي فون بُڪ ۾ محفوظ نه هجي.

جڏهن اهو فيچر متعارف ڪرايو ويندو ته توهان کي فلٽر بٽڻ ايپ جي هيٺئين حصي ۾ ملندو.

واٽس ايپ بزنس واهپيدارن کي اهو استعمال ڪرڻ لاءِ سرچ بار جو استعمال ڪرڻو پوندو آهي پر عام ماڻهن ان کي سڌي ريت استعمال ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.