ڊالر جي اوچي اڏام، ڊبل سينچري جي ويجهو پهچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ آمريڪي ڊالر جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 75 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 191 رپيا 77 پئسا تي بند ٿيو.

ڪاروباري هفتي جي شروعاتي 4 ڏينهن ۾ ڊالر 5 رپيا 14 پئسا مهانگو ٿيو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال ملڪ جي انٽر بئنڪ فارن ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ ڊالر سوا 34 رپيا مهانگو ٿيو آهي.

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 193 رپين جو آهي، اڄ اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 50 پئسا وڌي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.