لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي معاملي تي ايف آءِ اي عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪري ڇڏيو.
وفاقي جاچ اداري وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻين خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اسپيشل جج سينٽرل اعجاز حسن اعواڻ ايف آءِ اي پراسيڪيوشن ٽيم جي درخواست کي رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جي درخواست تي لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو.