عمران خان پاران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف عدالتي فيصلي تي نظرثاني درخواست داخل

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بي اعتمادي بابت ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني اپيل داخل ڪري ڇڏي.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 3 اپريل جي قومي اسيمبلي جي ڪارروائي تي ورتل پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪئي آهي.

عمران خان طرفان داخل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 7 اپريل تي حڪم ڏنو ته بي اعتمادي جي رٿ تي 9 اپريل تي ووٽنگ ڪرائي وڃي، عدالت جي 7 اپريل جي فيصلي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، جن تي نظرثاني جي ضرورت آهي.

تحريڪ انصاف چيئرمين اپيل ڪئي آهي ته اسيمبلي جي ڪارروائي دوران ڊپٽي اسپيڪر آئين جي آرٽيڪل 5 تي عمل ڪيو، حڪومتي سربراهه جو ڊپٽي اسپيڪر جي قدمن سان ڪو واسطو ناهي هوندو، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ جي 7 اپريل جي فيصلي تي نظرثاني ڪندي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.