سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ سبب زراعت کي پهچندڙ نقصان

عامرانصاري

گذريل ڪافي عرصي کان سنڌ جي مختلف علائقن سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس، ٺٽو، بدين، سجاول، جوھي سميت ڪيترن ئي شھرن ۾ شديد پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون ڪيتريون ئي زمينون سوڪھڙي جو شڪار بڻجي چڪيون آهن جنھن ڪري گھڻي ڀاڱي زراعت تباهه ٿي چُڪي آهي ھاڻي ته سنڌ جون ڍنڍون ڍورا، واھه، ڪئنال، شاخون، درياءَ ۽ تلاءَ زھر جي تلائن ۾ تبديل ٿي چُڪا آهن ھڪ طرف پاڻي جي کوٽ سبب فصلن کي نقصان پھچي رھيو ته وري ٻئي پاسي فصلن جا اگهه گهٽائي زراعت کي تباهه ڪيو پيو وڃي نه صرف ايترو پر ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود ناهي ايتري قدر پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪئي آهي جيڪڏهن ڪنھن جي فوتگي ٿئي ٿي ته ميت کي غسل ڏيڻ لاءِ پاڻي موجود ڪونھي .

سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور ميرس، ٺٽي، سجاول، بدين سميت سنڌ جا ڪيترائي علائقا پاڻي جي سوڪھڙي جو شڪار ٿي ويا آهن هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو رستن تي نڪري پنھنجي جائز مطالبن لاءِ دانھون رڙيون ڪري رهيا ڪري رھيا آھن ته پاڻي ڏيو پر خلا ۾ ويٺل حڪمرانن کي غريب عوام جون دانهون ٻڌڻ ۾ ڪونه پيون اچن جڏهن ته پاڻي زندگي جو اھم جياپو آهي جنھن کانسواءِ ڪابه جيوت انسان، جانور، پکي پکڻ ۽ پاڻي جي سواءِ نٿو رھي سگھي ھن وقت جيڪا سنڌ جي اھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جو انسان سميت جانور، پکي پکڻ پاڻي ڍڪ لاءِ تڙپي رهيا آهن حالت اِھا آهي ته ھاڻ ڪوٽڙي بئراج، گڊو بئراج ۽ سکر بئراج جي پيٽ مان واري اڏامي رهي آهي جنھن سبب زندگي جو گاڏو ھلڻ مشڪل ٿي ويو آهي جيڪي نوان ٻج پوکيا ويا آهن سي پاڻي نه هجڻ سبب سڙي رهيا آهن زمينون پاڻي کانسواءِ سڪل نظر اچن ٿيون پاڻي نه هجڻ سبب پوک. فصل ساريون، ڪمند ۽ وونئڻ به متاثر ٿي رهيا آهن جڏهن ته هن مند ۾ تقريبن 80 سيڪڙو رونبا ٿي ويندا آهن پر پاڻي جي شديد کوٽ سبب ساريالو فصل تباھه ٿيندي نظر اچي ٿو جڏھن ته اسان جي ملڪ جو دارومدار زراعت تي ھوندو آھي جيڪي نٽھڻ اُس گرمي ۽ تتي ٿڌي ۾ ھَرُ ھلائي زمين کي آباد ڪندا آهن .

فصل لهڻ جي آسري تي دڪاندارن کان قرض کڻي ٻج ، ڀاڻ ۽ زهر وٺندا آهن اِن اُميد جي آسري تي گھڻي تعداد ۾ فصل لھندو ۽ پنھنجي گھرڀاتين جون ضرورتون پوريون ڪنداسين پر فصل سُٺو نه لهڻ تي سڄا پئسا ضايع ٿي ويندا آهن ۽ اُهو هاري سڄو سال جيئندو به آهي ته مرندو به آھي پر حڪمرانن جي لاپرواهين ۽ من مستيون سبب اُن ھاري جون سڀ اُميدون ختم ٿي وينديون آهن جيڪو پنهنجي ايندڙ نسل لاءِ وڏا خواب ڏسندو آهي پاڻي جي کوٽ سبب اُنھن ھارين جون زمينون سوڪھڙي جو شڪار بڻجي وينديون آهن جيڪي ڏينهن رات اوجاڳا ڪري فصل کي پنهنجي جان وڌيڪ پيار ڪندا آهن ته جيئن ھُن کي ڪنھن بيمارين ۽ نقصان کان بچائي سگھجي پر فصل کي خساري ۾ ڏسي ڪري اُن ھاري جي چھري تان مرڪ ھميشه لاءِ کسجي ويندي آهي جيڪي پيار، محنت سان وڏا ڪشالا ڪري زمين کي آباد ڪرڻ جا خواب ڏسندا رهيا آهن بئنڪن ۽ دڪاندارن کان قرض وٺي ڪري تباهه ٿي ويندا آهن ته ڪي وري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيندا آهن. قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ اڄ ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي جڏهن ته اَسان جي ملڪ جي آمدني جو وڏو ذريعو زراعت هوندو آهي جڏهن زراعت تباهه ٿي ويندي آهي ته ملڪ معاشي طور تباهه ٿي ويندو آهي جنهن سبب اناج جي مارڪيٽ ۾ کوٽ شدت اختيار ڪندو آهي جنهن سبب مهانگائي عروج جي سطحن تي پهچندي آهي جنهن ڪري سنڌ جا هاري ۽ آبادگار ٻيڻي ٽيڻي تڪليف کي منھن ڏئي رهيا آهن ھي حشر سنڌ ۽ سنڌ واسين سان ھاڻوڪو ناھي پر ڪيترائي ڏهاڪا ٿي ويا آهن اڄ به اُھو لقاءُ آبادگار ھاري پنھنجي اکين سان ڏسي رهيا آهن جنھن لاءِ آبادگارن پاران ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا ويا آهن جيڪي ھن وقت به سنڌ ۾ ھلندڙ آھن جنھن غريب عوام پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو جيڪي اسٽيج تي وڏيون تقريرون ۽ دعوائون ڪري عوام کي سرسبز باغ ڏيکاري عوام کي ھر طرح سان لٽيو ۽ ڦريو آهي جڏهن ته اَسان وٽ ووٽ کي امانت سمجھيو ويندو آهي اُھا امانت غريب مسڪين طبقي وارا ماڻهو پنهنجي ايمانداري سان سرانجام ڏئي رهيا آهن پر ھتان جا حڪمران اُن ووٽ کي امانت جي بدران خيانت ڪرڻ ۾ پورا آهن جيڪي غريب عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري هتان جي رهواسين کان پنھنجي جيئڻ جا سمورا حق کيسي غريب عوام کي  کڏ جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.

ھڪ ته اَسان وٽ اڳ ئي مھانگائي چوٽ چڙهيل آهي ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن پر ھتان جا حڪمران نشي جي مدھوشي ۾ پنھنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهن ڪنھن به حڪمران کي عوام جي لڳل ناھي جيڪي به حڪومتون آيون آهن اُنهن ٺلھا آسرا ڏئي غريب عوام جو رَتُ چوسيو آهي ھن ملڪ ۾ غريب ويتر غريب ٿيندو پيو وڃي امير ويتر امير ٿيندو پيو وڃي لکن جي تعداد ۾ نوجوان نوڪرين لاءِ درپدر آهن جيڪي  تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا رھيا آھن اُن آڌار تي من ڪا نوڪري ملندي پر اڄ اُھي سمورا خواب ۽ اميدون سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ جيان سڪندي نظر اچي رهيون آهن ھاڻي ته ھتان جي عوام لاءِ ڄاڻايل بينادي سھولتون صرف خوابن ۾ آهن  جڏھن ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته صوبن جي وچ ۾ 1991 جي پاڻي ٺاهه تحت ارسا سنڌ کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي پنجاب ھميشه کان سنڌ جو پاڻي چوري ڪري پنهنجي ڪئنال ڀري سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ڪري رھيو آھي پنجاب اُھو صوبو آهي جنھن ھميشه سنڌ کي دشمن اک سان  ڏسندو رهيو آهي جنھن سنڌ جا ڪيترائي وسيلا، گئس، ڪوئلي درياهه تي ڌاڙو هڻي پنھنجو راڄ قائم ڪندو رھيو آھي ھميشه پنھنجي مفادن خاطر سنڌ کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي جڏهن ته 1960ع جي سنڌ طاس معاهدي تحت پنجاب جڏهن کان پنهنجا ٽي وڏا درياهه ھندستان کي وڪڻي ڏنا تڏهن کان سنڌ جي مٿان پنجاب جي غلاميءَ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهي سنڌو درياهه جو پاڻي زوريءَ ۽ چوريءَ کڻندو رهيو آهي ۽ سنڌو درياهه مان چشما ڪئنال ۾ پاڻي کڻي جهلم ندي ڀريندو رهيو آهي جيڪو پيپلزپارٽي حڪومت جي معاهدي مطابق صرف ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ کولڻو آهي پر اُهو ٻارنهن ئي مهينا کليل رهندو آهي اهڙي نموني هو تونسا پنجند ڪئنال ۾ به ناجائز نموني سان پاڻي کڻي رهيو آهي ورهاڱي کانپوءِ صرف پنجاب ۾ ئي ڊيم ۽ بئراج ٺهندا رهيا آهن سنڌ طاس معاهدي مطابق هندستان کي ڏنل ٽن ندين جي پاڻيءَ ۾ به سنڌ جو حق هو ڇاڪاڻ ته اُنهن درياهن جو 25 کان 40 سيڪڙو پاڻي پنجند وٽ فطري طور سنڌو درياهه ۾ اچي پوندو هو جنهن کان سنڌ هاڻ محروم ٿي وئي آهي پنجاب جون هن وقت تائين 70 سيڪڙو زمين آباد آهي ۽ 30 سيڪڙو زمين غير آباد آهي پر سنڌ جي 70 سيڪڙو زمين اڄ به غيرآباد آهي ۽ صرف 30 سيڪڙو زمين آباد آهي پنجاب چاهي ٿو ته سنڌ جي 30 سيڪڙو آباد زمين کي غير آباد ڪري پنهنجي 30 سيڪڙو غير آباد زمين کي آباد ڪري ۽ سنڌو درياهه جي مالڪيءَ جو حق سنڌ کان مڪمل طور کسيو وڃي اُنهيءَ سلسلي ۾ هو وقت بوقت پنهنجي مرضيءَ سان پاڻيءَ جا معاهدا به ڪرائيندو رهيو آهي ۽ اُنهن جي ڀڃڪڙيون به پاڻ ئي ڪندو رهيو آهي .

پنجاب جي حڪمت عملي مطابق گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي بيراجن تي قائم سمورا ڪئنال ۽ واهه پنجن مان چئن سالن ڇهه مهينا بند رهندا ۽ باقي ڇهه مهينا به واري بندي تي وهندا اُن ڪري سنڌ ۾ سال ۾ ٻه فصل ٿي نه سگهندا پر هر پنجن سالن کانپوءِ جڏهن ٻوڏ ايندي ته هڪ سال ۾ ٻه فصل ٿي سگهندا پنجاب جي پاڻيءَ جي اهڙيءَ حڪمت عمليءَ سبب ڪچي جي 19 لک ايڪڙ زمين برباد ٿي ويندي ۽ پڪي جي 70 لک ايڪڙ زمين غير آباد ٿي ويندي باقي 30 لک ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ لاءِ به پنجاب جو محتاج رهڻو پوندو ۽ سنڌوءَ جي ڇوڙ جي علائقي ۾ پنجن مان چار سال پاڻي پهچي نه سگهندو جنهن ڪري ٺٽو، بدين ۽ لاڙڪاڻو ضلعا سامونڊي ويرن جي ور چڙهي ويندا ۽ اتان جون زمينون سم ۽ ڪلر جي سيلاب ۾ ٻڏي وينديون ڪچي جي پيداوار ختم ٿي ويندي سنڌوءَ جي ڪنارن وارا ڳوٺ ۽ شهر اجڙي ويندا ڇهن لکن ايڪڙن جي ٻيلن تي گذران ويهه لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا ۽ لکين مهاڻا ۽ ميربحر سڀ دربدر ٿي ويندا. ڇوڙ ۾ موجود ڇهن لکن ايڪڙن تي بيٺل تمر جا ٻيلا تباهه ٿي ويندا، اُتي جي ٻي پيداوار، جئين مڇي، گانگٽ، جڙي ٻوٽيون وغيرہ ختم ٿي وينديون. سنڌ جون سموريون ڍنڍون، جيئن ڪينجهر، منڇر، هاليجي، هڏيرو ۽ چوٽياري يا ڪا ڇڙي، حمل ڍنڍ ۽ ٻيون اٽڪل ساڍيون پنج سئو ڍنڍون مڪمل طور برباد ٿي وينديون ۽ اُنهن مان پکين پکڻن، مڇين، ڍورن، ڍڳن، ٻڪرين رڍن ۽ اٺن وغيره يا ٻئي چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويندو ۽ مٺي پاڻيءَ جي وهڪري کانسواءِ سنڌ ڌرتيءَ جو سمورو پاڻي کارو يا ختم ٿي ويندو. هن وقت به سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري دادو، ميڙ ۽ جوهيءَ جي پاسن جو پاڻي ٻاڙو ٿي ويو آهي. جنهن ڪري گيسٽرو جي بيماري وبائي شڪل ۾ هر سال سوين ماڻهن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي. سنڌ بنيادي طرح هڪ زرعي ملڪ آهي. سنڌ جي 80 سيڪڙو آباديءَ جو گذران زراعت تي آهي. پاڻيءَ جي بند ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي سڄي زراعت تباهه ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جي آبادي بُکن ۽ بيمارين جي ور چڙهي وئي آهي. موجوده عالمي قانون مطابق توڙي سنڌ جي ديني عالمن جي فتويٰ مطابق:” سنڌو درياهه تي شرعي، قانون ۽ تاريخي اعتبار کان صرف سنڌ وارن جو حق آهي. ۽ اُھو حق سنڌ کي ڏنو وڃي“ نڪي اُن پاڻي جي مٿان ڏائڻن جھڙيون نظرون نه وجھو اسان چئون ٿا ته سنڌ سان اھڙو ظلم نه ڪيو ۽ سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيو سنڌ پاڪستان جي ٺاهيندڙ آهي نڪي پاڪستان سنڌ کي ٺاھيندڙ آهي اُن ڪري سنڌ کي پاڪستان ٺاهڻ جي سزا نه ڏيو جڏهن ته سنڌ سڀني مذھبن ۽ ٻين صوبن سميت پاڪستان جي پالنا ڪندڙ ڌرتي آهي جيڪا جنم ڏيندڙ ماءُ جي مثل آهي جيڪا سڄي عمر انسان جي پالنا ڪري پنھنجي ٿڃ سنڌو درياءَ پيئاري ٿي سنڌ ڌرتيءَ جي حڪمرانن کي چئون ٿا ته ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن تي رحم ڪيو ۽ سنڌو درياءَ جي ٿڃ ملهايو نڪي وفاق جي آشيرواد تي پنھنجا وسيلا لٽرايو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.