حادثن جا اصل ذميوار ڪير هئڻ گهرجن ؟

مانجهند لڳ انڊس هاءِ  وي تي ٽرالر ۽ وين وچ ۾ ٿيل هڪ خوفناڪ حادثي ۾ 15 انسانن جي حياتي ختم ٿي وئي،اهي بدقسمت پورهيت ڪراچي ڪمائڻ لاءِ وڃي رهيا هئا.فوتين ۾ ٻه عورتون به شامل آهن،6 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن.حادثو اهڙو لڱ ڪانداريندڙ هو جو هر ڪنهن جو جيءُ جهري پيو آهي.چيڀاٽجي فوت ٿيل ٻن عورتن سميت 4  لاشن کي هڙن ۾ ويڙھيو ويوهو.

ٽرالر ڪوئلي سان ڀريل  ۽ وين ۾ سوار پورهيت ڪنڊيارو کان ڪراچي وڃي رهيا هئا.ان حادثي سان گڏ ٻيو حادثو اهوٿيو ته  اسپتال ۾ علاج جي هنگامي سهولت نه هئڻ ڪري 5 ڄڻن اسپتال ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو.هن بدبخت خطي جو ٽيون حادثو اهو هو ته  هتي 15 ڪلاڪن کان بجلي بند هئي. چوٿون حادثو اهو ٿيو ته  اسپتال جو جنريٽر خراب هئو.جتي اهڙي حالت هجي ته اتي ايمرجنسي وارو زخمي ڪيستائين پنهنجي حياتي جي جنگ وڙهي سگهي ٿو. ان ڪري چئبو ته موت هنن جي قسمت ۾ لکيل هو.

حادثي ۾ معجزاتي طور  اڪيلي محفوظ  نوجوان انور علي سولنگي ٻڌايو تي ڳوٺ پنهل خان ڪلهوڙو مان لوڻ جي ڪارخاني ۾ پورهيو ڪرڻ لاء ڳوٺ جا 17 نوجوان وين ۾ سوار ٿي ڪراچي وڃي رهيا هئا. هو به انهن ۾ شامل هو، هو ان وقت ننڊ پيل هو جنهن وقت حادثو ٿيو.حادثي واري هنڌ ڊي سي 2 ڪلاڪ بعد پوليس عملدار آمري 3 ڪلاڪ بعد ۽ ايس ايس  پي 4 ڪلاڪ بعد پهتا.انهن عملدارن جو هڪ حادثي ڏانهن اهڙو رويو به هڪ وڌيڪ  حادثو هو.

اهو سڀڪجهه ٿيڻ کانپوءِ هاڻي اهو به اطلاع آهي ته مانجهند جي ايم ايس کي معطل ڪيو ويو آهي اهو ڄڻ ته عملدارن ڪو وڏو ڪارنامو ڪيو آهي.

سنڌ اهڙو صوبو آهي جتي ماڻهن جي لاءِ زندگي جي لاءِ گهربل ڪا به سهولت ماڻهن کي حاصل نه آهي، ههڙا واقعا ته اوچتو سرڪار جي انتظاميه جي عام روئي جي نشاندهي ڪنداآهن،

جتي ڪو به نظام نه هجي اتي اهڙا ئي واقعا ٿيندا رهندا آهن، هتي نه ته ماڻهن جي لاءِ صحت جون سهولتون آهن، نه روڊ سيفٽي آهي، نه ئي رودن تي هلندڙ ٽرانسپورٽ جي ڊرائيورن جي ڪا تربيت ٿيل آهي، نه بجلي آهي نه ئي وري هنگامي بنيادن تي اسپتال ۾ عوام جي سهولت واسطي پيل جنريٽر هلڻ واري پوزيشن ۾ آهي، اها سان مان ڪنهن هڪ جي نه پر هن سنڌ جي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي بد بختي آهي،

هاڻي ته ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا تي واويلا متل آهي، لاش پٽ تي پيل هئڻ جو ڪنهن عملدار کي ٿي سگهي ٿو ته درد هجي پر اصل معاملو اهڙي تصوير جي وائرل ٿيڻ سان سندس پوزيشن خراب ٿيڻ جو ڊپ هو. هنن هڪ ڌڪ سان ئي  صحت عملدار جي موڪل ڪرائي ان کان مٿين عملدارن کي بچايو آهي.

هئڻ ته ائين گهرجي ته هن واقعي جو ڪيس سڌو انهن ادارن۽ انهن عملدارن تي داخل ڪرايو وڃي جيڪي اهي سهولتون فراهم ڪرڻ جا ذميدار آهن،ڪنهن هڪ حادثي جي پٺيان ڪو هڪ نه پر يقينن سوين سبب هوندا آهن، ان جي لاءِ ڪنهن هڪ کي ڪيئين ذميدار قرار ڏئي ڪر ي ٻيا پاڻ بچائيندا ؟

سنڌ جو هي روڊ عرصي کان نه ٺهيو آهي ان جي لاءِ هاڻي هن حادثي بعد ضلعي جو عملدارن چئي پيو ته روڊ جو ڪنٽرڪٽر بليڪ لسٽ قرار ڏنو ويو آهي جنهنڪري اهو روڊ اڃان مڪمل نه ٿي سگهيو آهي ان جي نئين سر ٽينڊرنگ جو عمل هلندڙ آهي.

روڊ تي هلندڙ ان وين کي جنهن روڊ تي هلڻ جي اجازت ڏني هئي ان اهو ڏٺو هو ته ان جو ڊرائيور ڪيترو تربيت حاصل ڪيل آهي،هن ۾ ڪو ماڻهپو به آهي يا اهو پيٽرول بچائڻ ۽ وقت بچائڻ جي چڪر ۾ ڪٿان  به ڪو شارٽ  ڪٽ هڻي سگهي ٿو،يا وري اهو ڪٿي به هن سوڙهي ٿيل روڊ تي اوور ٽيڪ به ڪري سگهي ٿو يا نه، ان تي ڀلا ڪڏهن ڪو عملدار يا ڪو ڪامورو يا ڪو وزير مشير سوچيندو ته اسان جي ماڻهن جون زندگيون انهن آڻ پڙهيل ۽آڪڙ باز ٽرانسپرٽن جي حوالي ڪيئن ٿي ويون آهن.؟

هن حادثي وارو هنڌ شايد وڏي وزير جي تڪ ۾ ايندو هوندو، ڇا وڏو وزير هن حادثي کان پوءِ اهڙي ڪا پڪ ڏياري سگهندو ته، هاڻي اهڙي ڪنهن به حادثي جي صورت ۾ سرڪاري ايمبولينسز وقت سر پهچي وينديون ، يا انهن سمورين اسپتالن ۾ ڊاڪٽر سموري هنگامي سامان سرڙي سان ڪنهن به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جي لا تيار هوندا؟ يا وري روڊن تي هلندڙ انهن بي ڍنگين گاڏين کي طريقي سان پنهنجي سائيڊ تي هلڻ جي لاءِ ڪو قانون تي عمل پڻ ٿيندو ؟

هنن دردن جون دانهون جيڪڏهن انهن حڪمرانن کي نه ڏجن ته پوءِ آخر ڪنهن کي ڏيون ؟ ڪو آهي جو هن سنڌ ۾ روز ڪنهن نه ڪنهن حادثي جي ڪري بي موت مرندڙ ماڻهن جي مالڪي ڪري يا ڪو دردن جو درمان ٿئي؟

سنڌ جي سمورين اختيارين کي گذارش آهي ته هاڻي به جيڪڏهن انتظام درست ڪرڻ جي نيت هجي ۽ عام ماڻهون کي سهوليت فراهم ڪرڻ جو ڪو پروگرام هجي ته ان تي عمل ڪري هن خلق خدا جي لاءِ اهو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو، جنهن سان انهن جي حياتي ممڪن حد تائين محفوظ ٿي سگهي.

سنڌ ۾ ترقي ٿي رهي هوندي ان کان ڪو انڪار نه آهي پر ڪو به اهڙو حادثو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان هڪ اهڙي خطي جا ماڻهون آهيون جتي حياتي بنهه سستي آهي.

ڇا اسان ان ٻار جيان نه آهيون جيڪو جڏهن ڪنهن باهه جي تپش محسوس ڪري ٿو ته دانهون ٿو ڪري ۽  کيس اها ڪا سمجهه نه آهي ته هو پنهنجي زندگي کي ڪيئن محفوظ بڻائي اڳيان هلي سگهي،.

اميد ڪريون ٿا ته لاڳاپيل ادارا ۽ وسطيدار عملدار ۽ اختياريون هنن ههڙن هاڃن تي به ڪڏهن مصروف وقت مان ڪي گهڙيون ڪڍي ڪري  ان تي به غور ڪنديون ۽ انهن جي تدارڪ جي لاءَ ٿڌي دل ۽ دماغ سان ضرور ويچار به ڪنديون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.