مڪاني چونڊون ۽ عوامي سجاڳي وارو سوال

آفتاب سليمان لغاري

تازو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ملڪ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن جي اعلان موجب سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي پھرئين مرحلي ۾ سنڌ جي 14 ضلعن ۾ چونڊون ڪرايون وينديون.اليڪشن ڪميشن جي اھڙي اعلان کانپوءِ  سنڌ جي سياسي حلقن ۾ پڻ سياسي سس پس شروع ٿي چڪي آهي. ھاڻ ائين لڳي رھيو آهي ته اسان جا سياستدان ڄڻ عوام جي خدمت ڪري ڪري ايترو ته ٿڪجي پيا ھئا جو کين بس اليڪشن ڪميشن جي انهيَ اعلان جو انتظار ھو جنهن کانپوءِ  ھاڻ ھمراھن کي عوام جي ياد ڏاڍي ستائڻ لڳي آهي ۽ عوام جو رت چوسڻ کانپوءِ  وري به نڪ جي پڪائي سان عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ  وڃڻ لاءِ  سانباھا پيا ڪن.اسان وٽ الميو اھو آهي ته جيڪو جنهن مقام تي آهي انهيَ وٽ عوام جو خزانو خالي ڪرڻ لاءِ  اوتري ئي پھچ آهي ائين ھرگز ناهي ته ڪو رڳو چونڊيل نمائندو ڪروڙين رپين جي اسڪيمن مان لکين رپيا پاڻ ھضم ڪندو آهي ته وري ھيٺين سطح  تي ڪو يوسي چيئرمين  ڪو ڪائونسلر سڳورو ڪا نلڪي جي مشين به ايمانداري سان عوام جي حوالي ڪندو ھرگز نه!.

بهرحال! عوامي خزاني جي انهيَ انڌاڌنڌ لٽ مار جي ڳالهه ڪنداسين ته قصو ڪوھين ڏور نڪري ويندو،  تنھنڪري پاڻ فلحال رڳو بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان غور ويچار ڪريون ٿا ملڪ ۾ بلدياتي اليڪشن جو اعلان ٿي چڪو آهي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ته ھر شھري جو جمھوري ۽ آئيني حق آهي اليڪشن ۾ ڪير به بيھي سگهي ٿو پر بنيادي ڳالهه اھا آهي ھن بلدياتي اليڪشن يا وري ايندڙ عام چونڊن ۾ اسان گذريل اليڪشن ۾ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندي جن ماڻهن کي چونڊي موڪليو، جن تي پاڻ اعتبار ڪيو پر انهن ماڻهن عوامي مفادن کي ٿڏي ڇڏيو،  عوام جي ڪنهن  به قسم جي ڪا سار سنڀال نه لٿي، عوام سان ڪيل وچن وفا ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر افسوس جو عوام جن کي چونڊيو انهن بي حس حڪمرانن ڪڏهن وري پنهنجي تڪ ۾ اچڻ ۽ پنهنجي ووٽرن جي پرگھور به نه لٿي.ته پوءِ  ھاڻ جڏهن اھي اسان سياستدان پاڻ وٽ لنگهي اچن ته کين ڪورونا مان صحيح سلامت بچڻ جون واڌايون  ڏيندي پاڻ کي اھو ضرور پڇڻ گھرجي ته ،  ميان! ڏيو خبر مھانگائي ۾ مرندا رھياسين، معصوم ٻچا بک تي سمھاري پيٽ بکئي رھزن راتيون ڪٽيوسين، پاڻي جي کوٽ سبب زمينون بنجر ٿي ويون، پيئڻ جي پاڻي لاءِ  تڙپندا رھياسين، بدامني جي باھ ۾ سڙياسين پر پوءِ  به اوھان کي ياد نه آياسين؟ ان کان علاوھ اسان کي کين اھو به ياد ڏيارڻ جي زحمت ڪرڻ گھرجي ته اسان اوھان کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪري اعليٰ ايوانن ۾ انهيَ لاءِ  موڪليو ھو ته جيئن توھان اسان جي حقن جي حاصلات ۽ اسان جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ  اسان جو آواز بڻجندا پر افسوس اوھان انهن حقن جي حاصلات لاءِ  ھٿوراڻيون ته ضرور ھنيون ھونديون پر اھي عوامي حق عوام بدران اوھان پاڻ مال غنيمت سمجهي پنهنجي پيٽ پوڄا ڪئي جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان چڱي ريت لڳائي سگهجي ٿو  ته  جيڪي ھمراھ اڳ ۾ چالو ماچيس سان سگريٽ دکائيندا ھئا اھي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ  ڪک مان لک پتي بڻجي ويا ۽ سندن ووٽر ويچارا اڄ به پيٽ گذر لاءِ  پريشان حال آهن غريب ماڻهو پنھنجا معصوم ٻچا وڪرو ڪرڻ جا ھوڪا ڏئي رھيا آهن.انهيَ ڪري عوام جي سجاڳ ٿيڻ وارو سوال اڄ به ماضي جيان ڪر کڻي بيٺل آهي، منهنجي خيال عوام جي سجاڳي سجائي تڏهن ئي ٿيندي، عوام جا بنيادي مسئلا حل ئي تڏهن ٿيندا جڏهن ملڪ جو ھر شھري پنهنجي ووٽ جو حق بنا ڪنهن خوف، دٻاءُ، بنا ڪنهن عارضي لوڀ لالچ سميت انفرادي مفادن کان بالاتر ٿي ڪري پنهنجي سمورن مجموعي مفادن کي مدنظر رکندي ووٽ جو حق استعمال ڪندو، انهيَ ووٽ جي طاقت کان وڌيڪ منهنجي خيال  ۾ عوام وٽ ٻي ڪا به اھڙي جٽادار طاقت ناهي جيڪا اسان جي حڪمرانن ۽ چونڊيل نمائندن کي به مجبور ڪري ته ھو ھر حال ۾ عوام سان رجوع ڪن، اھا  ڳالهه سمجهڻ جوڳي آھي ته پاڻ کي پنھنجا چونڊيل نمائندا اليڪشن کانپوءِ  تڪ ۾ ڪٿي نظر ئي نٿا اچن، ڇا ڪٿي ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته اليڪشن کٽڻ کانپوءِ  ڪو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ ۾ ويو ھجي ته سندس ووٽر ڪھڙي حال ۾ آهن؟ سنڌ ۾ ته اليڪشن دوران به عوام سان عجيب ورتاءُ ٿين ٿا ، افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ عوام ويچارو ڄڻ ٺيڪي تي ڏنل ھجي، اقتداري منصب ماڻڻ جي خواھشمندن کي عوام جو ڪيترو الڪو ھوندو آھي اھي منظر به اليڪشن ۾ ڏسڻ وٽان ھوندا آهن ، ھڪڙي طرف اليڪشن ۾ اھي ھمراھ ميدان عمل ۾ ھوندا آهن جيڪي پھريون ڀيرو اليڪشن ۾ حصو وٺندا آهن ۽ وري سڀ کان وڌيڪ عوام جو فڪر ۽ عوام جي ويجهو رھڻ وارو عنصر اھڙن اميدوارن ۾ وڌيڪ نظر ايندو آهي بنسبت انهن جي جيڪي ھر ڀيري اليڪشن ۾ حصو وٺندا رھندا آهن يا وري اليڪشن ۾ ھڪ ،  ٻه ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪري چڪا ھوندا آهن.ڇاڪاڻ ته پاڻ وٽ جيڪو اميدوار ھڪڙو ڀيرو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ  انهيَ ھمراھ  اھا سيٽ جھڙو ٺيڪي ۾ کنئي ھجي ، بس پوءِ  انھئ نمائندي جو اھل عيال پيو انھي سيٽ تي ڪامياب ٿيندو،  تنھنڪري اليڪشن ۾ اھڙي قسم جي اميدوارن کي عوام جو الڪو ڪجهه گھٽ ھوندو آهي ڇاڪاڻ ته سندن اقتدار ۾ رھڻ جي ڪري سندس سياسي اثر رسوخ سبب لاڳاپيل پارٽي کان وٺي سموري نظام مان کيس اليڪشن ۾ ڪامياب ڪرائڻ جون اميدون ھونديون آهن،  جنهن سبب ھمراھ عوام ۾ وڃڻ کان وڌيڪ پنهنجي ھائوس تي ئي سنگت ساٿ جي مان ۾ پيو طرحين طرحين جي طعامن جا انتظام ڪندو آهي ته جيئن اليڪشن ۾ اھا سنگت ھن سان ونگار وھي وڃي.اقتدار جو نشو به ته نرالو نشو ٿيندو آهي،  جيڪو معاشري جي انهن غريب، مسڪين ماڻھن جن کي ھن طبقاتي سماج ۾ خيرات جي برياني به عزت سان نصيب ناھي ٿيندي،  جن ماڻهن جي احساسن، خواهشن ۽ خوابن کي ٽياس تي ٽنگي ھي سماج اڀ ڏاريندڙ  ٽھڪ ڏئي ٿو، اليڪشن ۾ اقتدار جا ديوانا انهن مسڪينن آڏو به ھٿ ٻڌي ووٽ لاءِ  واجھائيندي نظر ايندا آهن ۽ اھي اٻوجھه انسان،  سادا ماڻهو جيڪي چھرن جي ٻھروپيت مان ڪجهه ڪين ڄاڻين اھي ويچارا انهن سياسي ماڻهن جي انھيءَ ناٽڪ آڏو کين دلي موٽ ڏئي ووٽ ڏيڻ لاءِ  آمادھ  ٿيو وڃن پر افسوس جو اسان جي اھل اقتدار ماڻهن کي وري اھي ماڻهو ڪڏهن به ياد نٿا اچن،  انهن جا معصوم ٻچا ڀلي کڻي بيمارين ۾ تڙپي تڙپي مري ڇو نه وڃن يا سندن نياڻيون پاڻي جي ڦڙي لاءِ  پيرين اگھاڙي پري پري تائين پاڻي جي ڳولا ۾ نڪري وڃن پر انهن ماڻھن لاءِ  حڪمرانن وٽ ڪجهه به ناهي،  نه کين پيئڻ جو پاڻي مھيا ڪيو وڃي ٿو،  نه ڪائي دوا درمل نه تعليم جي ڪا سھولت،  نه ئي وري ڪي روزگار جا موقعا انهن مسڪينن جي قسمت سدائين رڳو سورن سان سينگاريل ھوندي آھي،  انهن ماڻهن لاءِ  ھر اھو ڏينهن ڪنهن عيد کان گھٽ ناھي ھوندو جنهن ڏينهن سندن معصوم ٻچڙن ٻه ويلا ماني پيٽ ڀري کاڌي ھجي،  اسان ماڻهو عام طور تي رمضان جي مھيني ۾ روزا رکندا آھيون جيڪي اسان تي فرض آهن،  پر ڪڏهن پاڻ اھو سوچيو آهي ته ھي غريب ماروئڙا جن وٽ نه کائڻ لاءِ  گندي ۾ داڻا نه اوڍڻ لاءِ  ڪجهه اھي مسڪين سڄو سال اھي روزا به رکندا آهن جيڪي ڪڏهن انهن مٿان فرض ئي ناهن،  بدقسمتي سان حڪمرانن جي نااھلي ۽ خراب حڪمراني سبب غريب ماڻهو ھر وقت ڄڻ روزي ۾ ھجي اھي روزا جن جو ڪو انت ئي ناهي،  انهن مسڪين ماڻهن جي نصيب ۾ ته ڪا خوشين ڀري عيد به ناهي لکيل، انهن جي معصوم بکايل ٻچڙن لاءِ  عيد جي چنڊ جي چھري کان وڌيڪ خوبصورت شڪل ماني جي ھوندي آهي. موجوده صورتحال ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ  ماروئڙا تڙپن پيا، سراپا احتجاج بڻيل آهن ، تازو عيدالفطر تي به سنڌ جا آبادگار پاڻي جي کوٽ خلاف پنهنجي پاڻ کي علامتي ڦاھيون ڏيندي نظر آيا پر افسوس جو چونڊيل نمائندن مان ڪو به ماڻهو انهن ڏانھن لڙي نه ويو،  پر ھاڻ گھڻي دير ناهي اليڪشن ويجهو  آهي ۽ اليڪشن ۾ وري به  پاڻ انهن  چونڊيل نمائندن کي انهن  آبادگارن، سنڌ جي غريب مسڪين ماروئڙن جي پٺيان ووٽ وٺڻ لاءِ  ڊوڙندي ڏسنداسين.اسان جي عوام کي به ھاڻ پنهنجي ھنن ڏکن جو حساب چڪتو ڪرڻ گھرجي جن حڪمرانن کي انهن غريب ماڻهن جي تڏهن ياد نه آئي جڏهن اھي پاڻي جي ڦڙي لاءِ  تڙپيا پئي انهيَ ڪري عوام کي گھرجي ته ايندڙ چونڊن ۾ انهن بي حس حڪمرانن کي شڪست ڏئي ڪري پاڻ سان ٿيل سموري ويڌن جو حساب برابر ڪري ھاڻ ملڪي خاص طور سنڌ جي غريب عوام کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو سوچي سمجهي ڪرڻو پوندو کين ووٽ جو حق استعمال ڪندي انهن ماڻهن کي ڪامياب ڪرائڻو پوندو جيڪي سندن دردن جو درمان ڪري سگھن جيڪي ماڻهو عوام جي سورن ۽ عوامي مسئلن کي اعليٰ ايوانن ۾ اٿاري سگهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.