12مئي ڇا ڏنو ڇا ورتو؟ 

فقير محمد سنڌي

¨ 12 مئي 1820ع تي ممتاز سماجي ڪارڪن ۽ جديد نرسنگ جي باني، اٽليءَ جي فلارنس نائٽ انگيل جو جنم ٿيو.

¨ 12 مئي 1857ع تي جنگ آزادي جي مجاهدن، بھادر شاهه ظفر کي پوري هندوستان جو بادشاهه بڻائڻ جو اعلان ڪيو.

¨ 12 مئي 1881ع تي معروف چاڪليٽ ڪمپني، ڪيڊبريءَ جو باني، جان ڪيڊبري جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 12 مئي 1904ع تي نظم ۽ نثر تي دسترس رکندڙ آخوند محمد حسن ”مسڪين“ ولد مولوي ڄام ولد آخوند محمد دائود سومرو تعلقي خانپور ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ”حاجي خان ڪلهوڙو“ ۾ ڄائو.

¨ 12 مئي 1932ع تي ناميارو اديب، شاعر، خوش خط ۽ مرثيه خوان قربان علي بيگ مرزا وفات ڪئي.

¨ 12 مئي 1936ع تي علامه اقبال پنجاب مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو.

¨ 12 مئي 1944ع تي گيت جو خوبصورت شاعر ۽ قومي ڪارڪن جمن دربدر عمر ڪوٽ ضلعي ۽ تعلقي جي ڳوٺ روحل واءِ ۾ عبدالرشيد ساند جي گهر جنم ورتو.

¨ 12 مئي 1945ع تي مارشل زوخوف، برلن شھر تي ٻئين جنگ عظيم جي دوران قبضو ڪيو.

¨ 12 مئي 1946ع محقق ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو ڳوٺ ڊٻ، ضلعي جيڪب آباد ۾ جنم ورتو.

¨ 12 مئي 1951ع تي ڪراچي يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ٿيو. 1952ع ۾ يونيورسٽيءَ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

¨ 12 مئي 1951ع تي جامعيه ڪراچي قائم ٿي.

¨ 12 مئي 1971ع تي اقوام متحده، جي جنرل اسيمبليءَ نسلي امتياز ختم ڪرڻ جو سال قرار ڏنو.

¨ 12 مئي 1978ع تي اردو جي مشھور شاعر، مولانا ماهر القادري جو وڇوڙو ٿيو.

¨ 12 مئي 1980ع تي (ڳائڻي) ناليواري گلوڪاراه امبر مهڪ ڌيءَ يار محمد، موچي پاڙي حيدرآباد ۾ جنم ورتو.

¨ 12 مئي 1990ع تي قومي ۽ سماجي فڪر رکندڙ شاعر افضل قادري ڦڦڙن جي ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

¨ 12 مئي 1991ع تي سنڌ جو ڏاهو زيب عاقلي حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو.

¨ 12 مئي 2003ع تي اقوام متحده جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر، صدر الدين آغا خان جو وڇوڙو ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.