قومي اسيمبلي ۾ آئين جي ڀڃڪڙين خلاف ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي آئين پاڪستان جي خلاف ورزي ۽ غير آئيني روين جي خلاف قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتي جڏهن ته قرارداد ۾ مُلڪ جي صدر کي چيو ويو آهي ته هن آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، صدر پارٽي وابستگي کان مٿانهون ٿي ڪري آئيني طور تي پنهنجا فرض سرانجام ڏي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ محسن داوڙ چيو ته گذريل ڪجهه هفتن کان پاڪستان جي آئين سان جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان تي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. اڳوڻي اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ پنجاب جي گورنر پاران آئين جي پائمالي جو نوٽيس ورتو وڃي، اهڙن قدمن سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿيندو، پاڪستان جو آئين هن ملڪ کي هلائڻ لاءِ هڪ واضح دستاويز آهي اسان کي ان کان ٻاهر نه وڃڻ گهرجي. ان کان اڳ هن ايوان ۾ قرارداد پيش ڪئي ته قانون جي پابندي هر شهري جي ذميداري آهي، صدر جي عهدي جي گهرج آهي ته هو پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ پنهنجي آفيس جو استعمال نٿو ڪري سگهي پر صدر آئين جي دفاع ۽ تحفظ جو ذميدار آهي. اسپيڪر راجا پرويز اشرف قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي مخالف ڌر جي ميمبرن مخالفت ڪئي، مخالف ڌر ميمبر غوث بخش مهر چيو ته آئين ۾ گورنر کي هٽائڻ جي حوالي سان ڪا واضح شق نه آهي، هو استعيفا ڏئي سگهي ٿو پر ان کي عهدي تان هٽائي نٿو سگهجي، اسان ان قرارداد جي مخالفت ڪريون ٿا، قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان جو آئين مُلڪ کي هلائڻ جو نظام جوڙي ٿو، اسان سڀ پارلياماني نظام تحت هتي ويٺل آهيون ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته صدر به پارليامينٽ جو حصو آهي، اسپيڪر جي باري ۾ غير جانبدار رهڻ جو چيو ويندو آهي پر سياسي وابستگي هوندي آهي، اسپيڪر جي رولنگ چئلينج نٿي سگهي ٿي، مذاق نه بڻايو وڃي، هارس ٽريڊنگ ٿي، ملڪي سربراهه جو هڪ تقدس آهي، بهترين روايتن کي کڻي هليو، پارليامينٽ جو تقدس بحال ڪرڻو آهي ته ملڪي سربراهه ۽ ادارن جو احترام ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.