شهباز شريف جي وفد جو نواز شريف سان ملڻ جو مقصد

حاڪم نصيراڻي

حڪومت سنڀارڻ کان پوءِ  شھباز شريف پهريون دفعو نجي دوري تي لنڊن وڃي پنهنجي وڏي ڀاءُ نواز شريف سان پارٽي جي اهم اڳواڻ سميت  ملاقات ڪئي آھي۔ افواهون اهي گردش ڪن پيون ته نواز شريف ڪاوڙ ۾ سڀني اهم اڳواڻن کي لنڊن گهرائي ورتو آھي۔ جڏهن ته ڪجھه اڳواڻن جو خيال هو اهو اجلاس ماضي جيئان ويڊيو لنڪ وسيلي ڪيو وڃي ها پر نواز شريف ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو۔ بهرحال اهو پارٽي جو پنهنجو فيصلو آھي ڪٿي به اجلاس ڪري۔ هن وقت جي سياسي وايو منڊل کي ڏسجي ته نواز ليگ کي ڪيترائي مسئلا درپيش آھن۔ ڊالر جي قيمت کي پر لڳي ويا آھن ايئن لڳي ٿو ڊالر جي اڏام کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالھه ناهي۔ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري بازارن ۾ ڪهي پيو آھي هر چيز جي قيمت آسمان سان ڳالهيون پئي ڪري۔ امن امان جي صورتحال به ڪا خاص سٺي ناهي۔ پنجاب ڪابينا ٻڏتر جو شڪار آھي.

صدر ، پنجاب جو گورنر عمر سرفراز ۽ چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم جي حڪم يا صلاح کي مڃڻ لاءِ  تيار ناهن۔ ستن سيٽن عيوض  پ پ پنجاب ۾ پنهنجي لاءِ  سياسي ميدان صاف رکڻ جي ڪوشش ۾ جنبيل آھي۔ 63 اي جي تلوار ترين ۽ عليم خان گروپ مٿان لٽڪيل آھي۔ اليڪشن ڪميشن ڪنهن به وقت انهن ميمبرن کي نااهل قرار ڏيئي سگهي ٿي۔ جيڪڏهن ٻنهي گروپن جا ميمبر نااهل ٿين ٿا ته حمزه لاءِ  پنجاب ۾ حڪومت ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو۔ گهربل ميمبرن جي حمايت لاءِ  اليڪشن ڪرائڻ به اهم مسئلو ٿي اڀرندو۔ پ پ پنجاب ۾ پسند جي وزارتن جا مزا ماڻڻ لاءِ  ڪوششون ڪري پئي۔ ان سڄي سياسي ميلي ۾ جيڪو به خرچ ٿئي ٿو اهو نوازليگ جو ٿئي پيو ۽ مفت ۾ مزا وري پ پ پ پئي وٺي۔ خواجا آصف بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ وقت کان اڳ اليڪشن جي ڳالهھ ڪري اسان جهڙن ماڻھن کي لکڻ لاءِ  ڪجهھ مواد مهيا ڪيو آھي پر خواجا آصف جي ڳالھه ان وقت بي دم ٿي وئي جڏهن آصف علي زرداري ڪراچي ۾ سينئر صحافين سان ڳالهھ ٻول ڪندي اعتراف ڪيو ته اسان پاڻ وقت کان اڳ نيون چونڊون ته چاهيون ٿا پر ان کان اڳ چونڊ نظام ۽ نيب ۾ اصلاحي ترميمون ڪنداسين۔ ان کان پوءِ اليڪشن جو اعلان ڪنداسين۔ زرداري صاحب جي لهجي ۾ ڪجهھ سختي محسوس ڪئي وئي۔ اها سختي نواز ليگ جي خلاف هئي يا عمران خان جي خلاف اهي ته سمجهڻ وارا سمجهي ويا پر عمران خان کي اهو ضرور چيائين ته تون وري ڪهڙي بنگال رياست جو والي هئين جو تنهنجي خلاف مير جعفر يا مير صادق غداري ڪن ها؟ امريڪي سازش خلاف پڇيل سوال جي جواب ۾ زرداري صاحب چيو ته آمريڪي صدر منهنجو دوست آھي پر اڄ تائين مون کي فون ڪري ڪا ڳالهھ نه ڪيائين پوءِ ڪئين سمجهجي ته خان صاحب خلاف اها آمريڪي رياست سطح جي سازش هئي.

تحريڪ انصاف جا رهنما جلسن جي ماحول کي گرمائيندي ڳالهائڻ لاءِ  مناسب لفظن جي چونڊ وساري ويهن ٿا۔ فواد چوڌري پنهنجي لکيل تقرير ۾ چيو ته جڏهن چور گهر ۾ گهڙي اچن ته ان وقت چوڪيدار  نيوٽرل ناهي ٿيندو بلڪل چورن کي پڪڙيندو آھي۔ تحريڪ انصاف هن وقت قوم جي جذبات سان کيڏي پنهنجي لاءِ  همدرديون وٺڻ جا جتن ڪري ٿي۔ اسان وٽ امريڪا ۽ انڊيا مخالف ذھنيت رکندڙ ماڻھن جو هڪ سٺو طبقو موجود آھي۔

جيئن ته سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف جي حامين جو قبضو آھي جيڪي پاڻ کان سواءِ ٻين کي غدار سمجهن ٿا ۽ سازش واري هڪ ئي بيانيئي کي کڻي ممڻ مچايون بيٺا آھن۔ اهو وساري ويٺا آھن ته 2014 ۾ جڏهن چيني صدر 27 ارب جا منصوبا کنيون پيو اچي ان ويل ته خان صاحب نه پيو جهلجي نيٺ چيني صدر پاڪستان جو دورو نه ڪيو ۽ ائين وڏا وڏا منصوبه رولڙي جو شڪار ٿي ويا۔ ڇا خان صاحب جو اهو عمل آمريڪي خوشنودي جي کاتي ۾ نه ٿي اچي؟ خان صاحب کي ڪجهھ ڌريون اڄ به آمريڪا ۽ يهودي لابي جو اهم مهرو سمجهن ٿا۔ تنهن هوندي به نواز ليگ توڙي پ پ پ منظم انداز سان عمران خان جي بيانيئي جو مقابلو نه ڪري سگهيا آھن۔ پ پ اقتداري سياست جا گر ٻين پارٽين جي بنست وڌيڪ سمجهي ٿي ان ڪري زرداري صاحب نوازليگ جي ڪلهي تي بندوق رکي ڇڏي آھي۔ شھباز شريف ٺينگ ٽپا ته گهڻا ڏيئي پيو پر ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو اهڙي ته ڪن ۾ ڦاٿل آھي جنهن کي صرف نئين ايندڙ حڪومت ئي ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي۔ ملڪي توڙي غيرملڪي سيڙپڪار پنهنجو سرمايو ھن ملڪ ۾ لڳائڻ کان ڪن لاٽار ڪن پيا۔ نيب کان خوفزده بيورو ڪريسي ڪم کان لنوائي ٿي۔ اڃا تائين عام ماڻھو اهو سمجهي ٿو ته متان عمران خان وڏي مينڊيٽ سان واپس نه اچي؟ ان سڄي صورت حال ۾ بظاهر نواز ليگ ٻڏتر جو شڪار آھي ته ڇا ڪجي؟۔ پيٽرول جي قيمت وڌائڻ سان عوام ۾ حڪومت خلاف نفرت وڌندي۔جيڪڏهن حڪومت تيل جون قيمتون نه ٿي وڌائي ته ملڪي معيشت جو ٻيڙو ٻڙڪي ٿو۔ ان سڄي صورتحال کي ڏسندي نواز شريف تڪڙ ۾ پارٽي جو اهم اجلاس لنڊن ۾ سڏائي ورتو آھي۔ ممڪن آھي نواز شريف چونڊن ۾ اصلاحن لاءِ  اتحادين سميت عمران خان کي به دعوت ڏيئي وجهي ۽  چونڊن جو اعلان ڪري عمران خان واري لانگ مارچ جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي۔.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.