سکر ۾ وڪيلن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي وڪيل برادري پاران سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف ڊسٽرڪٽ بار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ شدت اختياري ڪري وئي آهي، جنهن سبب زمينون بنجر بڻجي ويون آهي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ مال کي پيارڻ لاءِ پڻ پاڻي نه آهي، جڏهن ته سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب آبادگار سخت پريشان آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ کي ختم ڪري آبادگارن جي پريشانيون ختم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.