انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه پهچڻ سبب سمنڊ جهرڪن تائين پهچي ويو

ٻنون (رپورٽ: امتياز سومرو) سنڌ جي قديم تھذيبن کي جنم ڏيندڙ انڊس ڊيلٽا ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ سنڌو درياھ جو گھربل پاڻي نه وڃڻ سب سمنڊ جي کاري پاڻي جي ابتي اٿل سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ وڏي  تباھي برپا ڪري ڇڏي آھي. سنڌو درياھ جي مٺي پاڻي جو انڊس ڊيلٽا سان فطري ميلاپ نه ٿيڻ سبب سمنڊ جي ابتي اٿل سبب کارو پاڻي ٺٽي سجاول جي دولھ درياھ خان پل کان ٿيندو ٻنون پتڻ ۽ ھاڻي جھرڪن تائين پھچي ويو آھي، رپورٽ موجب سامونڊي تباھڪارين جي نتيجي ۾ سمنڊ ھن وقت سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي مختلف ديھن ٻنون، بچل گگو، ديھ منڱيلڌو، گھوڙاٻاري، ديھ جھرڪ، ٻائورنداس، ديھ شاھپور، ديھ ٻيلو سميت 20 کان وڌيڪ ديھن کي ڳڙڪائي چڪو آھي. سمنڊ جي کاري پاڻي جي ابتي رفتار سبب ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ھاڻي 30 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي اجگر سمنڊ جي نشاني تي اچي ويا آھن. جڏھن ته انھن ديھن ۾ آباد ھزارين ايڪڙ زرعي زمينون ۽ ڳوٺ لوڻ جي سفيد تھن ۾ تبديل ٿي ويا آھن. ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۽ زمينن ۾ کارو پاڻي پھچڻ سبب کوئنرن ۽ ھينڊ پمپن جو پاڻي کارو زھر ٿي ويو آھي. سنڌو درياھ ۽ ان جي مٺي پاڻي وارين ڪورين توڙي ڍنڍن ڍورن مان مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ قديم ملاح ۽ ٻيا ھزارين رھواسي پنھنجي ڪٽنبن سميت لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن. سنڌو درياھ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ گھربل پاڻي نه پھچڻ سبب سمنڊ جي کاري پاڻي جي اٿل سبب علائقن ۾ ويراني بک افلاس ۽ ھر طرف بربادي جا منظر نظر اچڻ لڳا آھن. ھر طرف سڃ واڪا ڪرڻ لڳي آھي،سجاول ۽ ٺٽي ضلعي سان واسطو رکندڙ سڄاڻ ڌرين ۽ قوم پرست اڳواڻن سيد نواز شاھ ڀاڏائي، غلام سرور خشڪ، سيد جلال شاھ، اعجاز اختر ميمڻ، نظام ميمڻ، عبدالغني ملاح، نعمان شورو، انور ملاح، ڪامريڊ عزيز سومرو ۽ ٻين انڊس ڊيلٽا ۾ سنڌو جو گھربل مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏڻ جي نتيجي ۾ سمنڊ جي ابتي اٿل سبب کارو پاڻي ٻنون ۽ جھرڪن تائين پھچڻ واري معاملي تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته  ملڪ جا حڪمران سنڌ جو پاڻي چوري ڪري ان تي ڊيم ٺاھڻ چاھين ٿا. انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه پھچڻ سبب لاڙ خطي ۾ حالتون سنگين ٿينديون پيون وڃن. ۽ حڪمرانن کي ڪابه پرواھ ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.