يونيورسٽين مان بلوچ ۽ پشتون شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي: محسن داوڙ

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبر محسن داوڙ چيو آهي ته يونيورسٽين مان بلوچ ۽ پشتون شاگردن کي نيڪالي ڏيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي، ان معاملي کي لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، نيشنل پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج لاءِ ويٺل افغان پناهگيرن جو معاملو لاڳاپيل وزارت ڏسي، اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي محسن داوڙ چيو ته پشاور ۽ قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن کي ڪڍيو ويو آهي، ان معاملي کي لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي، انهن شاگردن جو تعليمي نقصان ٿي رهيو آهي، افغان پناهگيرن جي حوالي سان ڪا پاليسي نه آهي، افغانستان ۾ ماڻهو بک مري رهيا آهن،

عامر لياقت جي غيراخلاقي وڊيو وائرل، سوشل ميڊيا تي ٽاپ ٽرينڊ

ڪراچي(م ڊ) ٽي وي پروگرام جي مشهور ميزبان ۽ ايم اين اي عامر لياقت جي غيراخلاقي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هي، جنهن کان پوءِ عامر لياقت ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ۾ شامل ٿي ويو آهي، ٻي طرف عامر لياقت حسين ٽوئيٽ ڪندي چيو آهي ته مون کان پڇيو پيو وڃي ته اگهاڙي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، اوهان ڇا چوندا؟ جنهن جو جواب هي آهي ته جن جي ذميواري هئي ته ڪنهن جي عزت مٽي ۾ نه ملائي وڃي، اهڙي وڊيوز ٺاهيندڙ کي گرفتار ڪيو وڃي، مقدس عدليا جيڪا شهرين جي محاظ آهي، اها پاڻمرادو نوٽيس ڇو نه ٿي وٺي؟ ڇا ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم کي کليل ڇوٽ آهي؟  غير اخلاقي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا کي مختلف قسم جا ردعمل اچي رهيا آهن،  ڪيترين ئي عورتن تبصرو ڪيو آهي ته زال مڙس هڪٻئي جو لباس هوندا آهن، انڪري اهو مناسب ناهي ته پنهنجي ذاتي زندگي جون وڊيوز ٺاهي وائرل ڪيون وڃن ۽ پوءِ بدلو وٺڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون وڃن، ڪجهه ماڻهن جو تاثر وري ان جي ابتڙ آهي، سندن چوڻ آهي ته دانيا کي حڪومت جي حمايت ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن ماڻهو سوال پڇي رهيا آهن ته ڇا اهڙو ڪو قانون آهي، جنهن سان ريوينج پورن کي روڪي سگهجي؟ ڊجيٽل رائيٽس فائونڊيشن موجب انهن جي هيلپ لائن کي گذيل سان 4 هزارن کان وڌيڪ شڪايتون مليون، جن مان 1600 جي لڳ ڀڳ ذاتي نوعيت جي تصويرن بابت هيون جيڪي اجازت کانسواءِ وائرل ڪيون ويون.

ايگزيڪيوٽو جي فيصلن سان نقصان ٿيڻ ڪرپشن ناهي:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جي تعمير ۾ اختيارن جي غلط استعمال تي نيب ريفرنس ۾ احسن اقبال جي بريت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ايگزيڪيوٽو تمام گهڻا فيصلا نيڪ نيتي سان ڪندا آهن، جنهن جو نقصان به ٿيندو آهي پر اها ڪرپشن ناهي هوندي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ احسن اقبال جي نيب ريفرنس مان بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پٽيشنر طرفان ذوالفقار نقوي ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب جهانزيب چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي 2 ٽاسڪ ڏنا هئا، عدالت پڇيو ڇا ضمني ريفرنس داخل ٿي سگهي ٿو؟، اهو به پڇيو هو ته ڇا ذاتي مالي فائدو وٺڻ بغير ريفرنس ٺهي سگهي ٿو؟ .چيف جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اِن حد تائين مطمئن آهيو ته ڪرپشن ناهي، رڳو اختيارين جي غلط استعمال جو ڪيس آهي، تسليم ٿيل ڳالهه آهي ته اِها ڪرپشن جو ڪيس ناهي ۽ اوهان هڪ شخص جي وقار کي نقصان پهچايو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.