سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج، پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي: ميمبر

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) قومي اسيمبلي کي يقين ڏياريو ويو آهي ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ جي مسئلي تي قومي اسيمبلي ۾ لاڳاپيل وزير اڄ خميس تي تفصيلي بيان ڏيندو. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي جي ڊي اي جي غوث بخش مهر چيو ته سنڌ کي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، ايستائين جو جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي موجود نه آهي، ان حوالي سان اسان جي ڳالهه ٻڌي جواب ڏنو وڃي، چيو پيو وڃي ته ان حوالي سان قرارداد اچي رهي آهي، اسان کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وئي آهي، سنڌ جا هيٺيان ضلعا ان صوتحال کان شديد متاثر آهن، آبي وسيلن وارو وفاقي وزير اها سڄي صورتحال ڏسي رهيو آهي، جيڪڏهن اڄ نه سڀاڻي ان معاملي تي لاڳاپيل وزير جامع بيان ڏيندو، شيخ فياض الدين چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، هن وقت تائين 20 هزار جانور مري چڪا آهن، ان مسئلي تي ايوان ۾ بحث ڪرايو وڃي، اسپيڪر چيو ته اهو اهم مسئلو آهي ان تي بحث ڪرايو ويندو. ڊاڪٽر فهميده مرزا ذاتي وضاحت واري نقطي تي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو اسان جي زندگي جو مسئلو آهي، سمورن بيراجن مان برابري جي بنياد تي پاڻي جاري ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي برداشت ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان سڀ ڳالهيون ٻاهر وڃي ڪرڻ تي مجبور ٿينداسين. ايم ڪيو ايم جي قومي اسيمبلي ميمبر صابر حسين قائمخاني چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، اسان جو جر جو پاڻي به کارو آهي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ان معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ هن چيو ته هڪ ڪميٽي ٺاهي سنڌ ۾ آبپاشي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي مسئلي جو جائزو ورتو وڃي، هن چيو ته سنڌ ۾ هينئر سخت گرمي آهي ۽ اسان کي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر رائو اجمل خان چيو  ته حڪومت زرعي شعبي تي خصوصي ڌيان ڏي ۽ وقت سر ڀاڻ جي درآمد سميت پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي، ڪڻڪ جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ طورخم بارڊر سيل ڪيو وڃي. هن چيو ته  حڪومت ڀاڻ جي درآمد لاءِ پاليسي جوڙي، هڪ لک 20 هزار ٽن ڪڻڪ افغانستان اسمگل ٿي چڪي آهي، طورخم بارڊر سيل ڪيو وڃي ڇو ته 22 سئو روپيا مڻ واري ڪڻڪ افغانستان ۾ 6 هزار روپيا مڻ ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، اسان کي 15 اپريل تي پاڻي ملڻو هو پر مئي جي وچ ڌاري به اسان کي پاڻي دستياب نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.