ٽنڊي الهيار ڀرسان ڄاڃين سان حادثو، 3 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ٽنڊوالهيار/چمبڙ(نمائندا) ٽنڊوالهيار لڳ افسوسناڪ حادثو ۔ ٻن موٽر سائيڪلن جو آمهون سامهون ٽڪر ۔ ٽي فوت ٻه زخمي ۔ لاش گهرن ۾ پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو شادي جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ۔ تفصيل موجب ٽنڊوالهيار جي ٻٻر پاڙي جو رهواسي گهوٽ ڪامران ٻٻر جي مڱڻي ڪرڻ لاءِ ڳوٺ پهاڙ لغاري ڄڃ وئي مڱڻي ڪرڻ بعد گهوٽ ۽ گهوٽ جا دوست ٽنڊوالهيار اچي رهيا هئا ته فاضل اسٽاپ لڳ ٻن موٽر سائيڪلن جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ميرواهه روڊ جو رهواسي 4 ٻارن جو پيءُ عمران قائم خاني ، بلوچ پاڙي جو رهواسي اعظم بلوچ ،ٻٻر پاڙي جو رهواسي شهباز ٻٻر موقعي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو جڏهن ته شهريار خاصخيلي ، ورن مارواڙي  سخت زخمي ٿي پيا فوتين ۽ زخمين کي علائقي واسين جي مدد سان سول اسپتال آندو ويو بعد زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو ويو فوتين جا مڙهه گهرن ۾ پهچڻ تي قهرام مچي ويو وارثن کي بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.