ڪنري ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

ڪنري (رپورٽ:وسرام چند مڪواڻا) ڪنري شھر جي مک آمريڪن چوڪ تي ون فائيو پوليس مددگار سينٽر جي سامھون قائم نجي ھوٽل تي مڪراني برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيار پرڻي جي پراڻي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو. جنھن دوران گوليون ۽ پٿر لڳڻ سبب 23 ورھين جو نوجوان احمد ولد پير بخش مڪراني بلوچ ۽ اساما مڪراني زخمي ٿيا، ھڪ ڄڻي احمد مڪراني ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پئي ويو ته ھن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس مقتول نوجوان احمد مڪراني بلوچ جي ڀيڻ پري خاتون بلوچ جي فرياد تي ٽن جوابدارن مراد بخش بلوچ، ظفر ۽ سلمان بلوچ خلاف جيھڙي ۽ قتل جو ڪيس داخل ڪري ڪيس ۾ نامزد ھڪ ڄڻي سلمان بلوچ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان ايران ۾ روزگار ڪندو ھو، جيڪو عيد تي گھر آيو ھو ۽ سندس ڪجھ ڏينھن بعد شادي پڻ رٿيل ھئي، واقعي بعد مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري کي طلب ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.