پنجاب غير قانوني طور تي ڪئنال وهائي رهيو آهي: صنعان قريشي

ملير (ڊ ر) بحريا ٽائون ڪيس ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي اي ٽي سي ڪورٽ ڪراچي ۾ پيش، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان گڏ جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، الاهي بخش بڪڪ، آصف مگسي، اشرف ڪلھوڙو، عزيز شيخ ۽ ٻيا گڏ هئا، ڪورٽ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 20 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻئي پاسي  صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌو درياءَ جي پاڻي تي پهريو حق سنڌ جو آهي، هاڻي به سنڌ هٿرادو پاڻي جي کوٽ کي ڀوڳي رهي آهي پر پنجاب غير قانوني طور تي ڪئنال وهائي سنڌو درياهه جو زوري پاڻي کڻي رهيو آهي، هن  چيو ته 1991 جي تڪراري پاڻي معاهدي تي به عمل نٿو ڪيو وڃي، تڪراري معاهدي تحت به ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ايم اي  ايف پاڻي ڏيڻو آهي جيڪو به نٿو ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.