ڊالر 191 رپيا 50 پئسن سان بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۾ آمريڪي ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي، 2 ڏينهن اڳ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 188 رپيا 66 پئسا رهيو پر ڪالهه اوچتو وڌي ويو، هڪ موقعي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر ڏيڍ رپئي جي واڌ سان 190 رپيا 16 پئسن تائين پهتو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 191 رپيا 50 پئسن کان به وڌي ويو ، اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي انٽربئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 36 پئسن جي واڌ سان 190 رپيا 02 پئسن تي بند رهيو، ٻي پاسي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار ۾ منفي رجحان رهيو، 100انڊيڪس 641 پوائنٽون گهٽجي 42 هزار 863 تي بند ٿي، ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1250 پوائنٽن تي بند ٿيو، انڊيڪس جي گهٽ ترين سطح 42 هزار 391 رهي، مارڪيٽ ۾ 33 ڪروڙ 85 لک شيئرز جا سودا ٿيا، ڪاروبار جي ماليت 9 ارب 53 ڪروڙ رپيا رهي، مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 110 ارب رپيا گهٽ ٿي 7110 ارب رپيا رهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.